تازيون خبرون
مکيه صفحو / سنڌ سماچار / ڪوٽڏيجي ڀرسان عورت زهر ڏيئي قتل، لاش مسافر خاني ۾ اڇلايو ويو

ڪوٽڏيجي ڀرسان عورت زهر ڏيئي قتل، لاش مسافر خاني ۾ اڇلايو ويو

ڪنب (ن م) ڪوٽڏيجي ڀرسان عورت کي زهر ڏئي بيدردي سان قتل ڪيو ويو جنهن بعد نامعلوم جوابدارن پاران عورت جو لاش ڪوٽڏيجي ڀرسان ڳوٺ مير هزار بگٽي وٽ مسافر خاني ۾ اڇلايو ويو جنهن بعد علائقي واسين جي اطلاع تي ڪوٽڏيجي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي عورت جو لاش تحويل ۾ وٺي ڪوٽڏيجي اسپتال منتقل ڪيو. جتي عورت جي سڃاڻپ ڪنب جي المدينه ڪالوني جي رهواسڻ مسمات شميم زال اڪرم لغاري طور ڪئي وئي. واقعي بعد ڪوٽڏيجي پوليس ڪنب پهچي فوتڻ عورت جي گهروارن ۽ محلي وارن کان سندس بابت پڇا. ڳاڇا ڪئي جنهن بعد ڪوٽڏيجي پوليس عورت جو لاش ڪوٽڏيجي اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيو. عورت جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن ڪوٽڏيجي پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي جاچ بعد جيڪي به جوابدار ظاهر ٿيندا انهن مٿان ڪيس داخل ڪرائي کين سزا ڏياري ويندي. ٻئي طرف فوتڻ عورت جي مڙس اڪرم لغاري جو چوڻ آهي ته منهنجي گهرواري 2 ڏينهن اڳ هڪ شادي تقريب ۾ وڃڻ جو چئي گهران نڪتي هئي جنهن بعد هو واپس نه آئي ۽ گذريل ڏينهن سندس زهر ڏنل لاش هٿ آيو. هن وڌيڪ چيو ته منهنجي برادري جي ماڻهن سان ڪيتري ئي عرصي کان زميني تڪرار هلندڙ آهي شڪ آهي ته انهن منهنجي گهرواري کي قتل ڪيو آهي هوڏانهن زهر ڏئي قتل ڪيل عورت جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽرياڻي شمع زهره موجب عورت کي نشو يا زهر ڏنل آهي فوتي عورت جي ڄنگهھ تي معمولي سڙڻ جو نشان آهي وڌيڪ پوسٽ مارٽم جي رپورٽ اچڻ بعد ظاهر ٿي ويندو.6

ھي به ڏسو

ڀٽ شاهه قومي شاهراهه تي ٽرالر جو ٽريڪٽر کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 ڄڻا زخمي

ڀٽ شاهه (ن_خ)ڀٽ شاهه ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جو ٽريڪٽر کي ٽڪر، هڪ ڄڻو …

شهيد سورهيه بادشاهه حق ۽ سچ جي راهه تي هلندي عوام ۽ سنڌ جي بقا لاءِ قرباني ڏني: سيد محمد اسماعيل شاهه راشدي

گمبٽ (ن-م )فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ پاران گمبٽ جي هڪ مقامي هوٽل ۾ شهيد سورهيه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے