بريڪنگ نيوزسنڌ
هيڊ جمڙائو ڀرسان ڳوٺاڻن جو زرعي زمين تي قبضي خلاف احتجاج
ورڪشاپ (ن م) ھيڊ جمڙائو لڳ ديهه اڪرو 2 ۾ ڳوٺ فقير حسين بخش لاشاري ديھ اڪرو 2 جي راھوسي ڳوٺاڻن لائق لاشاري، محمد بخش، سڪندر علي، سليمان لاشاري، مقبول لاشاري، محمد مٺل لاشاري ۽ قبول لاشاري احتجاج ڪندي ميڊيا اڳيان الزام ھڻندي ٻڌايو ته سندن بااثر سونو لاشاري، مصري لاشاري ۽ ياسين لاشاري اسان جي زرعي زمين تي ھٿياربند ويھاري ڇڏيا آھن جنهن ڪري اسين گهر تائين محدود آھيون انهن مان کين جاني ۽ مالي نقصان جو خطرو آھي احتجاج ڪندڙ ايس ايس پي نوابشاھ ۽ ڄام صاحب پوليس کان مطالبو ڪيو ته مامري جو نوٽيس وٺي ساڻن انصاف ڪيو وڃي.7