تازيون خبرون
مکيه صفحو / سنڌ سماچار / سنڌ جي مختلف شهرن ۾ واپڊا ملازمن جا مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرا

سنڌ جي مختلف شهرن ۾ واپڊا ملازمن جا مطالبن جي مڃتا لاءِ مظاهرا

حيدرآباد(نمائندن وٽان)آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪرز يونين (سي بي اي) پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ ڪالهه سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا ۽ ريليون ڪڍيون ويون، ان حوالي سان ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب سامهون ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڌرڻو هنيو، ڌرڻي کي خطاب ڪندي مرڪزي صدر عبداللطيف نظاماڻي ۽ ٻين چيو ته واپڊا ۾ ڪم ڪندڙ ڪچن ملازمن کي گذريل 6 سالن کان ساڳي پگهار ڏني پئي وڃي، ان ۾ اضافو نه پيو ڪيو وڃي، روزاني جي بنياد تي ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ 584 آهن،  جڏهن ته حيسڪو ۾ 302 ڪانٽريڪٽ تي ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته سيپڪو ۾ 263 ڪانٽريڪٽي ملازم آهن، جيڪي مختلف اسڪيمن ۾ جنوري 2013ع کان ڪم ڪري رهيا آهن،جيڪي پڪي ٿيڻ جي آسري ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، هن مطالبو ڪيو ته حيسڪو ۽ سيپڪو  جي ڪچن ملازمن کي پڪو ڪيو وڃي، جڏهن ته محرابپور ۾ شاهد سمون، پير جهانگير پيرزادو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، سکر ۾ سيد زاهد حسين شاهه ۽ ولي محمد لغاري جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، مورو ۾ امتياز ملاح ۽ عبدالخالق سومرو جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ڀرياسٽي ۾ فقير محمد ڪيريو ۽ سڪندر علي اچڻ جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، عمرڪوٽ ۾ غلام حسين سميجو ۽ افضل آريسر  جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، ٽنڊو آدم ۾ عبدالقادر ڪلوئي جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، سانگهڙ ۾ شير محمد نظاماڻي، صاحب خان عمراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. ان کان علاوه نوابشاهه، ڀٽ شاهه، نوشهروفيروز، ٽنڊوالهيار، ميرپورخاص، دادو ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. 3

ھي به ڏسو

ڀٽ شاهه قومي شاهراهه تي ٽرالر جو ٽريڪٽر کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 ڄڻا زخمي

ڀٽ شاهه (ن_خ)ڀٽ شاهه ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جو ٽريڪٽر کي ٽڪر، هڪ ڄڻو …

شهيد سورهيه بادشاهه حق ۽ سچ جي راهه تي هلندي عوام ۽ سنڌ جي بقا لاءِ قرباني ڏني: سيد محمد اسماعيل شاهه راشدي

گمبٽ (ن-م )فنڪشنل مسلم ليگ سنڌ پاران گمبٽ جي هڪ مقامي هوٽل ۾ شهيد سورهيه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے