بريڪنگ نيوزقومي

نواز ليگ ۽ ايم ڪيو ايم پاران عام چونڊون گڏجي وڙهڻ جو اعلان

لاهور(م ڊ)مسلم ليگ(ن) ۽ ايم ڪيو ايم وچ ۾ چونڊ اتحاد ٿي ويو آهي. ٻنهي سياسي پارٽين ايندڙ عام چونڊون گڏجي وڙهڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ايم ڪيو ايم وفد جي پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ نوازشريف سان لاهور جي مرڪزي سيڪريٽريٽ ۾ ملاقات ٿي. ملاقات کان پوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي سعد رفيق چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ مسلم ليگ(ن) 8 فيبروري جون چونڊون گڏجي وڙهڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي. ٻنهي سياسي پارٽين جي اڳواڻن وچ ۾ ملاقات دوران سنڌ  خاص طور تي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ٻنهي پارٽين وچ ۾ امڪاني چونڊ اتحاد، سيٽ ايڊجسٽمينٽ سميت ٻيا معاملا غور هيٺ آيا جڏهن ته ملڪ جي گڏيل سياسي صورتحال ۽ سنڌ ۾ وڏو چونڊ الائنس ٺاهڻ جا معاملا به غور هيٺ آيا. ٻنهي پارٽين ارتفاق ڪيو ته پاڪستان جي عوام کي موجوده مسئلن کان ڪڍڻ ۽ پاڪستان کي ٻيهر ترقي جي رستي تي آڻڻ جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪنداسين. ٻنهي پارٽين 6 رڪني ڪميٽي قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي گڏيل ڪميٽي ۾ ٻنهي پارٽين جا 3-3 ميمبر شامل  هوندا. جيڪي سنڌ صوبي خاص طور تي ان جي شهري علائقن جي مسئلن جي حل لاءِ گڏيل طور تي چارٽرڊ تيار ڪندا. . ڪميٽي ۾ شامل ميمبر ٻنهي پارٽين وچ ۾ حتمي تجويزون قيادت کي 10 ڏينهن ۾ پيش ڪندا. ايم ڪيو ايم وفد جي قيات خالد مقبول صديقي ڪئي جنهن ۾ ڊاڪٽر فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال به شامل هئا. پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي وفد ۾ شهباز شريف، مريم نواز، راڻا ثناءُالله، خواجه سعد رفيق سميت  ٻيا اڳواڻ شامل هئا. اڳوڻي وفاقي وزير اياز صادق صحافين سان ڳالهين ۾ چيو ته سياسي اتحاد ته ٽٽندا رهندا آهن اڄ ايم ڪيو ايم جو وفد ملڻ آيو آهي، ٻيا ماڻهو به اسان سان ملڻ چاهين ٿا، اسان سڀ ماڻهو گڏ ٿينداسين، ڪڏهن ۽ ڪيئن ٿينداسين اهو وقت ٻڌائيندو. هن وڌيڪ چيو ته جي يو آ، فنڪشنل ليگ ۽ ٻيون پارٽيون به اڳتي هلي اسان سان ملي سگهن ٿيون.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button