بريڪنگ نيوزسنڌ

ٽنڊوباگو ۾ 21 نومبر تي ملاحن جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان گڏجاڻي ٿي گذري

ٽنڊوباگو ( يوسف ملاح ) ٽنڊوباگو ۾ ملاح ھاءوس تي اميرالبحر جو چئرمين علي مير ملاح 21 نومبر تي ملاحن جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان گڏجاڻي ڪئي جتي ھن ملاح برادري سميت سڀني برادرين کي عالمي ڏينھن جي حوالي سان دعوتون ڏنيون ھن چيو ته پوري دنيا ۾ ملاح برادري رھي ٿي جنھن جو گذر سفر پاڻي مڇي تي آھي ھن چيو ته 21 نومبر تي سجاول ۾ ملاحن جو عالمي ڏينھن ملھايو ويندو اميرالبحر جي سرپرست اعلا حاجي تاج محمد ملاح چيو ت ٽنڊوباگو اچي ڏاڍي خوشي ٿي ملاح برادري سميت ٻيون به برادريون ھتي موجود آھن ۽ ھن شھر ٽنڊوباگو جو چئرمين خان صاحب جمالي پڻ موجود آھي هن چيو اميرلبحر جي معنا پاڻي جو بادشاھ ملاح ڪھڙو به طوفان ھجي ٻوڏ ھجي پر ھر برادري جي مدد ڪري ٿو سڀ برادريون ھاڻي ملاحن جي عالمي ڏينھن تي سجاول ۾ اچن اھو ڏينھن ڀرپور نموني ملھايو ويندو گڏجاڻي ۾ اميرالبحر سنڌ جو صدر منور حسين ملاح بدين جو صدر علي نواز ملاح احمد ملاح محمد خان ملاح رفيق ملاح محمد يوسف ملاح غلام مصطفيٰ ملاح حڪيم ملاح سميت ٽائون ڪاميٽي ٽنڊوباگو جو چيرمين خان صاحب جمالي شاھجھان سمون گلشير سولنگي خداڏنو بليدي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ آيل مھمانن کي محمد يوسف ملاح محمد خان ملاح يوسف ميراڻي اجرڪن جا تحفا ڏنا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button