تازيون خبرون
مکيه صفحو / اڄ جي اخبار / بين الاقوامي / نيوزيلينڊ ۾ جمعي جي نماز دوران ٻن مسجدن تي حملا، فائرنگ ۾ 50 نمازي شهيد، 48 کان وڌيڪ زخمي

نيوزيلينڊ ۾ جمعي جي نماز دوران ٻن مسجدن تي حملا، فائرنگ ۾ 50 نمازي شهيد، 48 کان وڌيڪ زخمي

ڪرائسٽ چرچ/لنڊن (اين اين آءِ) نيوزيلينڊ جي شهر ڪرائسٽ چرچ جي ٻن مسجدن ۾ جمعي جي نماز ۾ هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ 50 ڄڻا مارجي ويا ۽ 48 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا ٽن منٽن تائين مسجد ۾ فائرنگ ڪرڻ کان پوءِ جوابدار مک دروازي کان ٻاهر نڪتو جتي هن گاڏين مٿان به فائرنگ شروع ڪئي جوابدار کي جديد هٿيار ۽ پيٽرول بمن سان ڀريل گاڏي تي پهتو هو جيڪا هلمٽ ۾ لڳل ڪئميرا سان واردات جي وڊيو لائيو اسٽريمنگ ڪندو رهيو هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو جنهن کي اڄ ڇنڇر تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو فائرنگ جو اطلاع ملندي ئي پوليس علائقي تي ڪڙو چاڙهي ڇڏيو ۽ گهر واسين کي گهرن کان نه نڪرڻ ۽ ڪنهن به شڪي چرپر جو اطلاع ترت پوليس کي ڏيڻ جي هدايت ڪئي ويئي آهي جوابدار پنهنجي سڃاڻپ آسٽريليوي شهري بريٽن ٽيرنٽ جي نالي سان ڪئي آهي حملي آور کي وردي پاتل هئي جنهن جي عمر 30 کان 40 سال هئي جڏهن ته نيوزيلينڊ جي دوري تي آيل بنگلاديش جي ڪرڪيٽ ٽيم فائرنگ کان بچي ويئي آهي جنهن جا رانديگر فائرنگ جي وقت جمعي جي نماز ادا ڪرڻ لاءِ مسجد ۾ آيا هئا واقعي جي حوالي سان نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ چيو آهي ته ٻنهي ملڪن نيوزيلينڊ ۽ بنگلاديش جا رانديگر محفوظ آهن ايندڙ حڪمت عملي لاءِ اٿارٽي سان ڪم ڪري رهيا آهيون جڏهن ته اڄ ڇنڇر تي ٿيندڙ ٽيسٽ مئچ ملتوي ڪئي ويئي آهي جنهن کان پوءِ نيوزيلينڊ جي وزيراعظم جي ڪي ننڊا آڊرن واقعي جي مذمت ڪندي ان کي ملڪي تاريخ جو سڀ کان ڪارو ڏينهن قرار ڏيندي چيوته مسجد ۾ فائرنگ دهشتگردي آهي ٻئي پاسي نيوزيلينڊ ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ٻڌايو ته ڪرائسٽ چرچ جي مسجد النور ۽ مسجد لٽن ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ ڪنهن پاڪستاني جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع نه آهي پرڏيهي خابرو اداري مطابق جمعي تي نيوزيلينڊ جي پوليس هڪ بيان ۾ ٻڌايو ته فائرنگ جا واقعا ڪرائسٽ چرچ ۾ مسجد النور ۽ مسجد لٽن ۾ پيش آيا جنهن ۾ هٿياربندن مسجدن ۾ گهڙي آٽوميٽڪ هٿيارن سان نمازين تي فائرنگ ڪري ڇڏي. هن چيو ته مسجد ۾ هڪ هٿياربند شخص داخل ٿيو جنهن مشين گن سان فائرنگ ڪئي مقامي ميڊيا ٻڌايو ته جوابدار پنهنجي سڃاڻپ آسٽريلوي شهري بريٽن ٽيرينٽ جي نالي سان ڪئي آهي جنهن جي عمر 30 کان 40 سال هئي مقامي ميڊيا وڌيڪ ٻڌايو ته هٿياربند شخص مسجد ۾ داخل ٿيندي ئي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي ان ڪيترائي ڀيرا گن کي ٻيهر لوڊ ڪيو ۽ مختلف ڪمرن ۾ وڃي فائرنگ ڪئي. مقامي ميڊيا اهو به چيو ته ٽن منٽن تائين مسجد ۾ فائرنگ ڪرڻ کان پوءِ جوابدار مک دروازي کان ٻاهر نڪتو جتي هن گاڏين تي به فائرنگ شروع ڪئي. نيوزيلينڊ پوليس موجب ڪرائسٽ چرچ شهر جي ٻن مسجدن ۾ ڇتي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻن درجن کان وڌيڪ نمازين جي شهيد ٿيڻ جا اطلاع آهن پوليس عملدارن تصديق ڪئي ته مسجد ۾ فائرنگ ڪندڙ جوابدار گرفتار ڪيو ويو نمازين جي رتوڇاڻ ڪندڙ قاتل جي سڃاڻپ برٽن ٽينٽ جي نالي سان ٿي هن لڱ ڪانداريندڙ واردات 15 منٽن تائين فيس بوڪ تي نشر ڪئي ڪرائسٽ چرچ جي ڪمشنر مائڪ بش ٻڌايو ته اسان جي ڄاڻ مطابق فائرنگ جي نتيجي ۾ رتوڇاڻ شاهراهه ڊينز ۽ شاهراهه نيلوڊ تي واقع مسجدن ۾ ٿي اکين ڏٺل شاهدن واقعي جي ڪوريج ڪندڙ صحافين کي ٻڌايو ته جوابدار کي فوجي يونيفارم سان ملندڙ جلندڙ ڊريس پهريل هئي سندس هٿ ۾ آٽوميٽڪ بندوق هئي. وزيراعظم عمران خان ڪرائسٽ چرچ ۾ مسجدن تي دهشتگردن حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته دهشتگردن جو ڪوبه مذهب نه آهي ٿيندو پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجون دعائون متاثر ماڻهن ۽ انهن جي گهرڀاتين سان آهن وزراعظم عمران خان چيو ته وڌندڙ حملن جي پويان نائين اليون کان پوءِ تيزي سان پکڙجندڙ اسلامو فوبيا آهي جنهن تحت دهشتگردي جي هر واردات جي ذميواري جملي طور اسلام ۽ سوا ارب مسلمانن مٿان مڙهي پئي وڃي.6

ھي به ڏسو

آئيڊياز سان دفاع جي شعبي سميت گڏيل واپار ۽ تعاون جي ماحول کي هٿي ڏيڻ جوڳا موقعا مليا آهن: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته …

سعودي ولي عهد محمد بن سلمان صحافي جمال خاشقجي جي قتل جو حڪم ڏنو: سي آءِ اي جاچ رپورٽ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ ) آمريڪا جي ڳجهي ايجنسي سي آءِ اي پنهنجي جاچ کانپوءِ ان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے