بريڪنگ نيوزقومي

اسلام آباد جو جي سيون سروس روڊ ويسٽڪو سيد صبغت الله شاهه راشدي جي نالي سان منسوب

اسلام آباد (بيورو) اڳوڻي قومي اسيمبلي ميمبر، فنڪشنل مسلم ليگ ۽ جي ڊي اي اڳواڻ ميڊم سائره بانو ڪجهه وقت اڳ ۾ ان وقت جي حڪومت دوران سي ڊي اي اسلام آباد جي چيئرمين کي درخواست ڏني هئي جنهن ۾ مطالبو ڪيو ويو هو ته برصغير جي آزادي جي جدوجهد جي هيرو انگريز خلاف آزادي لاءِ ويڙهه ڪندڙ امام انقلاب سيد صبغت الله شاهه راشدي سورهيه بادشاهه جي جدوجهد جي ڪري اسان کي هي پيارو ملڪ آزاد ٿي مليو، سورهيه بادشاهه جي خدمتن کي ڏسندي ڪنهن اداري يا روڊ جو نالو انهيءَ شخصيت جي نالي سان منسوب ڪيو وڃي. اڳوڻي ايم اين اي جي ڪوششن رنگ لاتو، سي ڊي اي بورڊ پنجن قومي هيروز سان گڏ سورهيه بادشاهه جي نالي سان اسلام آباد ۾ روڊن، انڊر پاسز ۽ ميٽرو اسٽيشن جي هيروز جي نالي سان منسوب ڪرڻ جي منظوري ڏئي  ڇڏي آهي. قومي هيروز ۾ سيد صبغت الله شاهه راشدي سورهيه بادشاهه، ڊاڪٽر جميل جالبي، محمود علي، برگيڊيئر مصطفيٰ برقي ۽  نويد صادق سيال شهيد شامل آهن. سيد صبغت الله شاهه راشدي جو تعلق سنڌ جي ضلعي خيرپور سان آهي. سورهيه بادشاهه 1910 ۾ پيدا ٿيو سندس نالي سان سيڪٽر جي G-7 (جي سيون) اسلام آباد جي سروس روڊ ويسٽڪو  کي سورهيه بادشاهه جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. هاڻي روڊ جو نئون نالو سيد صبغت الله شاهه راشدي روڊ رکيو ويو آهي.  تحريڪ پاڪستان جي ڪارڪن محمود علي جي نالي سان جي – 11 سروس روڊ ايسٽ اسلام آباد منسوب ڪيو ويو. ڊاڪٽر جميل جالبي معروف محقق ۽ اديب هو سندس نالي سان ميٽرو اسٽيشن پاڪ سيڪريٽريٽ کي منسوب ڪيو ويو. برگيڊيئر مصطفيٰ برقي شهيد جي نالي سان ايف – 11، 3 ۽ 4 کي تقسيم ڪندڙ ميجر روڊ کي منسوب ڪيو ويو. نويد صادق سيال شهيد جي نالي سان راول ڊيم انڊر پاس کي منسوب ڪيو ويو. نويد صادق سيال کي 3 جنوري 2023 تي خانيوال ۾ شهيد ڪيو ويو هو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button