بريڪنگ نيوزبين الاقوامي

امير جماعت اسلامي سراج الحق جي قطر ۾ حماس جي سربراهه اسماعيل هانيا سان ملاقات

دوحا (اين اين آءِ) امير جماعت اسلامي سراج الحق جي قطر ۾ حماس  سربراهه اسماعيل هانيا سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي حماس جي مرڪزي قيادت ۽ جماعت اسلامي  جو پرڏيهي معاملن وارو ڊائريڪٽر آصف لقمان  قاضي به موجود هو. اسماعيل هانيا سراج الحق کي غزه جي موجوده صورتحال تي مڪمل بريفنگ ڏني، اسماعيل هانيا سراج الحق  سان ملاقات ۾ چيو ته غزه واسي ۽ فلسطين جي عوام سان ٻڌي جو اظهار ڪرڻ تي اسان جماعت اسلامي ۽ پاڪستاني قوم جو شڪريو ادا ڪريون ٿا. سراج الحق  اسماعيل هانيا سان ڳالهائيندي چيو ته  پوري پاڪستان قوم ۽ مسلم امت اوهان سان گڏ بيٺي آهي. سراج الحق  اسماعيل هانيا تي 19 نومبر لاهور ۾ تاريخي غزه مارچ ۾ خطاب جي دعوت ڏني، سراج الحق  6 ڏينهن جي دوري  کان پوءِ پاڪستان واپس پهتو آهي. هن پنهنجي 6 ڏينهن جي دوري ۾ ايران ترڪيه ۽ قطر جو دور ڪيو، سراج الحق جي تهران ۾ رهبر ايران جي  پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار آيت الله  آغا  قمي  ۽ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ڪئي. سراج الحق جي ترڪ پارليامينٽ جي اسپيڪر نعمان  قرتو لموش سان  ملاقات ٿي، غزه جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سراج الحق غزه کي بچائڻ لاءِ ترڪيه سميت مسلم ملڪن جي گڏيل حڪومت جي ڪردار تي زور ڏنو. سراج الحق استبول ۾ فلسطين مارچ کي خطاب ڪيو.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button