بريڪنگ نيوزقومي

تحريڪ انصاف جي خط جو جواب خط سان ڏينداسين، صدر پنهنجي آئيني عهدي جو خيال رکي: مرتضيٰ سولنگي

لاهور(م ڊ)اطلاعات بابت نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي خط جو جواب خط سان ڏينداسين. صدر عارف علوي  ڪنهن هڪ پارٽي جو صدر نه آهي، هو پنهنجي آئيني عهدي جو خيال رکي. نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته مهانگي بجلي جو عوام تي بار پوندو آهي، متبادل توانائي جو اسان جي ضرورت ۾ حصو تمام گهٽ آهي. اسان کي سج جي روشني مان فائدو کڻڻ گهرجي. توانائي جي متبادل ذريعن کان بجلي حاصل ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته دنيا موسمياتي تبديلي جي دور مان گذري رهي آهي. 8 فيبروري تي چونڊون ٿينديون ايندڙ پارليامينٽ ۽ حڪومت جي لاءِ اهو ضروي آهي ته هو هن پاليسي کي جاري رکن ۽ توانائي جي متبادل ذريعن تي ڌيان ڏين. متبادل توانائي جي حوالي سان چين دنيا جي اهم ملڪن ۾ شامل آهي. توانائي جي شعبي ۾ چين ڪافي تعاون ڪيو. ڳالهين ۽ خدشا جمهوريت جو حسن آهن. شڪايت ڪرڻ هر ڪنهن جو حق آهي. شڪايتن کي به سامهون اچڻ گهرجي. نگران حڪومت آئين ۽ قانون جي تحت چونڊون ڪرائينداسين. اليڪشن ڪميشن جي موجوده قيادت ذميوار ۽ ڀروسي جوڳن ماڻهن تي ٻڌل آهي. هن وڌيڪ چيو ته صدر عارف علوي پوري ملڪ جو صدر آهي هو ڪنهن هڪ پارٽي جو صدر نه آهي. اسان جي گذارش آهي ته هو پنهنجي آئيني عهدي جو خيال رکي. بهتر هوندو ته صدر ڪنهن هڪ پارٽي جو ترجمان بنجڻ جي بجاءِ سڀني جو ترجمان بڻجي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button