بريڪنگ نيوزسنڌ

اسان پنهنجي تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ ۾ ڪامياب وينداسين : نگران وڏو وزير

ڪراچي (بيورو) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر لانڍي ۾ اسڪول جي ٻارن ۾ مفت درسي ڪتاب ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چيو آهي ته اسڪول ايجوڪيشن کاتي درسي ڪتابن جي آخري حصي جا ڪتاب ڇپرائي پڌرا ڪيا آهن ۽ شاگردن ۾ اهي ڪتاب ورهائڻ لاءِ اڄ جي تقريب منعقد ڪئي وئي آهي. تقريب جو اهتمام وزير تعليم راڻا حسين سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جي گودام قذافي ٽائون گرائونڊ، لانڍي انڊسٽريل ايريا ڪراچي ۾ ڪيو. جنهن ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ جو چيئرمين آغا سهيل، تعليم کاتي جي آفيسرن ۽ والدين شرڪت ڪئي. وڏي وزير چيو ته شاگردن ۾ درسي ڪتاب ورهائڻ تي کيس سرهائي ٿي ۽ اميد آهي ته استاد درسي ڪتابن جي کوٽ سبب ڪورسز کي مڪمل ڪرڻ ڪرائڻ دير ٿيڻ سبب محنت سان ڪامياب ويندا.  جسٽس باقر چيو ته اسان بحيثيت قوم هر شعبي ۾ پٺتي ۽ ٻين ترقي پذير ملڪن کان پڻ گهڻو پوئتي آهيون پر جيڪڏهن اسان پنهنجو تعليمي نظام کي بهتر ڪرڻ ۾ ڪامياب وينداسين ته اهي سمورا خال ڀرجي سگهجن ٿا جن لاءِ معاشري جي هر فرد سميت استاد کي محنت ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان سلسلي ۾ تعليمي ماهرن، والدين ۽ سول سوسائٽي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن وڌيڪ چيو ته اڄ جا هي ٻار اسان جو مستقبل آهن ۽ اسان کي فيصلو ڪرڻو آهي ته پنهنجي مستقبل کي ڪيئن ترتيب ڏيون. مارڪ ٽوئن جو حوالو ڏيندي وڏي وزير چيو ته ”جيڪو ماڻهو نٿو پڙهي ان جو ڪوبه فائدو ناهي جيڪو پڙهي نٿو سگهي.“ ۽ هن جو خيال هو ته اسان کي اهڙن فردن کي هتي اچڻ نه ڏيڻ گهرجي – اسان جي ٻارن کي تعليم تائين رسائي حاصل هئڻ گهرجي، اهو سندن حق آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي تعليم واري صوبائي وزير راڻا حسين چيو ته هن سنڌ ٽيڪسٽ بڪ بورڊ ۽ باقي ڇپيل ڪتابن جي اشاعت لاءِ ڪوششون ورتيون جنهن تي عمل پڻ ٿيو. هن وڏي وزير کي صلاح ڏني ته تعليمي سيشن آگسٽ بدران اپريل ۾ شروع ڪيو وڃي ڇوته جيڪڏهن سيشن اپريل ۾ شروع ڪيو ويندو ته ان سان شاگردن کي اونهاري جي موڪلن ۾ هوم ورڪ ۽ پڙهائي ۾ مدد ملندي. ڊاڪٽر راڻا حسين وڏي وزير کي هڪ ٻي تجويز ڏني ته شاگردن کي ڏنل درسي ڪتاب سيشن ختم ٿيڻ کانپوءِ واپس ورتا وڃن. هن چيو ته ڪتاب حڪومت جي ملڪيت آهن جيڪڏهن والدين اسڪول جي ٻارن کي ڏنل ڪتاب واپس ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته سيشن ۾ ٻين شاگردن کي به ڪتاب فراهم ڪيا ويندا. ۽ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ڪتابن جي واپسي جو هدف گهٽ رهي يا شاگردن جي داخلا وڌي ٿي ته ان کي نظر ۾ رکندي ڪتاب ڇپائي سگهجن ٿا. پروگرام جي پڄاڻي تي وڏي وزير شاگردن ۾ مفت درسي ڪتاب ورهايا ۽ انهن ضلعن تائين پهچڻ جي منصوبي جو افتتاح ڪيو جتي کين ضرورت آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button