بريڪنگ نيوزسنڌ

حيدرآباد ۾ قومپرست اڳواڻ ناري مُرڪ پيرزادو جو فليٽ مان مبينا ڦاهو کاڌل لاش هٿ، وارثن پاران قتل جو شڪ

حيدرآباد (جي ايم چانڊيو) حيدرآباد مان عورت قومپرست اڳواڻ جو مبينا ڦاھو کاڌل لاش ھٿ، حيدرآباد جي نسيم نگر ٿاڻي جي حد نسيم شاپنگ سينٽر جي فليٽ نمبر 19 مان مانجهند جي رهواسڻ جيئي سنڌ قومي محاذ ناري تحريڪ جي چيف آرگنائيزر ڪامريڊ مُرڪ جان پيرزادو جو گهر اندر مبينا طور پنکي ۾ ڦاهو کاڌل لاش هٿ ڪيو ويو. سندس وارثن ۽ جسقم طرفان مرڪ کي  قتل ڪرڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو. لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال حيدرآباد منتقل ڪيو ويو. 6 ڪلاڪن کان نياڻي جو لاش سول اسپتال ۾ پيل پيل رھيو پوسٽ مارٽم لاءِ ڊاڪٽرياڻيون نه پهتيون جنهن تي سندس وارثن ۾ مايوسي ڇانيل رھي. سول اسپتال ۾ جسقم جي مرڪزي پريس ترجمان ديدار شام ۽ حڪيم قريشي سميت وڏي انگ ۾ جسقم سميت قومپرست ڪارڪن سول اسپتال حيدرآباد پهتا جنھن بعد ڊاڪٽر عملو به اسپتال پھچي ويو. نسيم شاپنگ سينٽر جي فليٽ نمبر 19 ۾ جيئي سنڌ قومي محاذ ناري تحريڪ جي چيف آرگنائيزر ڪامريڊ مُرڪ جان پيرزادو جو ڦاهو کاڌو لاش هٿ اچڻ تي سندس وارثن قتل جو خدشو ظاهر ڪي. ٻڌايو ويو ته  ڪامريڊ مُرڪ جان پيرزادي گذريل 3 سالن کان حيدرآباد ۾ رهائش پذير هئي سندس اصل ڳوٺ مانجهند آهي مرڪ هڪ خانگي بئنڪ ۾ ڊيوٽي ڪندي ھئي. ان سلسلي ۾ ناري مرڪ جان پيرزادو جي پيءُ قومپرست اڳواڻ پير جان محمد پيرزادو جو چوڻ هو ته منهنجي ڌيءَ ڪڏهن به اھڙو قدم نه کڻندي منهنجي نياڻي خودڪشي جي ڪڏهن به سوچي نه ٿي سگهي. ھن چيو ته منهنجي نياڻي کي قتل ڪري ان جو لاش پنکي ۾ ٽنگيو ويو آهي. ھن چيو ته مونسان ظلم ٿيو آهي انصاف ڪيو ويو قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي هوڏانهن ايس ايڇ او نسيم نگر وحيد پنهور جو چوڻ هو ته اسان کي اطلاع مليو ته ناري جو فليٽ ۾ لاش فليٽ جي ڪمري اندر پنکي ۾ لٽڪيل آهي اسان پهچي لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءۡ اسپتال منتقل ڪيو ويو. فوتي ناري جو لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثڻ حوالي ڪيو ويو جيڪي مڙھ مانجھند کڻائي ويا.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button