بريڪنگ نيوزقومي

اقتدار نه خوشحال پاڪستان گهرجي، ڳالهيون ڪندڙ ڪيترائي آيا پر ڪجهه نه ڪيو: نواز شريف

ڪوئيٽا (اين اين آءِ) نواز ليگ سربراهه نواز شريف چيو آهي ته ڳالهيون ڪندڙ ڪيترائي آيا پر ڪجهه به نه ڪيو، عوام کي پڇڻ گهرجي ته تبديلي ڪيڏانهن وئي، ڪنهن ڇا ڪيو ۽ ڇا نه ڪيو اهو ٻارن کي ٻڌائڻ گهرجي.  نواز شريف ڪوئيٽا ۾ نون ليگ بلوچستان جي اجلاس دوران اظهاروڌيڪ چيو ته نون ليگ گوادر کي سنڌ سان ڳنڍيو، رڳو نون ليگ ئي آهي جنهن ڪوئيٽا، گوادر، زوب ۽ لورالائي جي باري ۾ سوچيو. نواز شريف چيو ته  50 ارب روپين جي لاڳت سان ڪڇي ڪينال به اسان ٺهرايو، عوام کي پاڻي ڏيڻ لاءِ اسان چار سئو ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهيا. نئين پاڪستان ۾ ڪهڙو نئون ٿيو، اسان جا شروع ڪيل منصوبا به رڪجي ويا,  پنهنجي معاشريف ۾ تهذيب، شرافت  ۽ احترام واپس آڻينداسين. هن وڌيڪ چيو ته اسان دهشتگردي ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ ختم ڪئي، 20سالن کان منصوبا مڪمل نه ٿيا هئا، اسان مهينن ۾ ڪيا، پارٽي ورڪرز سان ملندو رهندس، قوم سٺن ماڻهن جو ساٿ ڏئي. هن چيو ته اسان کي پنهنجي لاءِ اقتدار نه گهرجي، اسان کي خوشحال پاڪستان گهرجي، اسان اهڙو پاڪستان چاهيون ٿا  جتي عوام جي زندگي آسان  هجي، اسان اقتدار ۾ ايندا آهيون ته الله جي فضل سان عوام جي زندگي آسان بڻائيندا آهيون. هن چيو ته گوادر ڪوئيٽا شاهراهه جي تعمير سان توهان ناشتو گوادر ۾ ۽ مانجهاندو ڪوئيٽا ۾ ڪري سگهندا، اجلاس ۾ مريم نواز، شهباز شريف ۽ ٻين اڳواڻن به شرڪت ڪئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button