بريڪنگ نيوزسنڌ

صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪراچي ۾ صحافين جو مارچ، مظاهرو، ڌرڻو

ڪراچي/حيدرآباد (رپورٽ: قاسم بروهي) سکر جي صحافي جان محمد مهر جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف پاڪستان فيڊرل يونين آف جنرلسٽ جي سڏ تي پوري ملڪ جي چئني صوبائي گادي واري شهرن سميت وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ احتجاجي مارچ ڪري ڪري ڌرڻا هڻي مقتول صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو، سنڌ جي صوبائي گادي واري شهر ڪراچي ۾ فيڊرل يونين آف جرنلسٽ جي سڏ تي حيدرآباد يونين آف جرنلسٽ، سکر يونين آف جرنلسٽ، ڪراچي يونين آف جرنلسٽ، سي پي اين اي ۽ اي پي اين ايس جي پڻ حمايت حاصل هئي احتجاجي مارچ ۽ ڌرڻي سموري سنڌ جي ننڍن وڏن شهرن مان سون جي تعداد ۾ صحافين شرڪت ڪئي احتجاج جي ڳواڻي فيڊرل يونين آف جنرلسٽ جي صدر محمد افضل بٽ، جنرل سيڪريٽري ارشد انصاري، مرڪزي اڳواڻ لالا اسد پٺاڻ، لالارحمان، خالد کوکر، اقبال ملاح ۽ سنڌ ايڪشن ڪميٽي جي سربراهه مظهر عباس ڪئي، صحافين پريس ڪلب ڪراچي کان وريراعليٰ هائوس طرف مارچ شروع ڪيو ته رستي ۾ ايس ايس پي سائو افضل رضا روڪڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن تي اڳواڻن پاران پوليس کي رستو ڏيڻ ۽ ڪارڪنن کي پر امن رهي مارچ جاري رکڻ جو چيو جن پوليس اٽالن کي هٽائيندي مارچ جاري رکيو جنهن تي انتظاميه پاران وزيراعليٰ هائوس جي رستن تي ڪنٽينر رکي سيل ڪري ڇڏيو جنهن بعد صحافين وزيراعليٰ هائوس کان چند قدم تي ضياالدين روڊ تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا اڳواڻن ڌرڻي کي خطاب ۾ چيو ته شهيد جان محمد جو قتل ٽيسٽ قتل آهي پر اسان صحافي ان قتل کي صحافي جو آخري قتل سمجهون ٿا ۽ حڪومت کي اهو سمجهڻ گهرجي صحافي جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته اهو احتجاج سڄي صوبي سميت ملڪ جي روڊن ۽ رستن تي وڙهي ويندي جنهن تحت احتجاج، مارچ بک هڙتالون شروع ڪيون وينديون ڌرڻي ۾ وقفي وقفي سان انقلابي نعرن ذريعي گرمائيندا رهيا احتجاجي مارچ کان پهرين حڪومت جي هڪ وفد صحافي اڳواڻن سان ملاقات ڪري ڌرڻو ملتوي ڪرڻ لاءِ چيو جيڪو صحافي قيات قبول نه ڪيو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button