بريڪنگ نيوزسنڌ

راڻيپور ۾ شاگردن جو ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ جو پرچو آئوٽ ٿيڻ خلاف احتجاج

راڻيپور (ن م) سنڌ ۾ ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ پيپر مبينا طور تي ليڪ ڪري وڪرو ٿيڻ خلاف راڻيپور جي نجي اداري مظهر مسلم ماڊل اسڪول جي سوين شاگردن، شاگردياڻين، والدين، استادن ۽ سول سوسائٽي پاران اسڪول کان ريلي ڪڍي وئي. جيڪا قومي شاهراهه کان ٿيندي شھر جي مختلف رستن کان ٿي ڪري پريس ڪلب راڻيپور پهتي. جتي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مظاھرين جي ھٿن ۾ نعرن وارا پلي ڪارڊ ۽ بينر کنيل ھئا.جڏھن ته ريلي جي اڳواڻي اسڪول جي مالڪ انجنيئر غلام سرور ميمڻ، ڊاڪٽر الطاف ميمڻ، چئيرمين يوسي درازا شريف خواجه نظرالحق فاروقي، ڪائونسلر پير سيد فرزند شاھ، استاد بخت ڪلهوڙو، ايڊووڪيٽ عاشق لاڙڪ، رابع مغل، انعم، صائمه،  آسيه، عروج، ڪشف ڪائنات، حيا بتول ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا. ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جو هڪ مطالبو آھي ته ميرٽ جي لتاڙ بند ڪئي وڃي.ميڊيڪل جي بوگس انٽري ٽيسٽ جا نتيجا رد ڪري ايجنٽ مافياز کي وائکو ڪري کين سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. جڏھن ته ميرٽ جي لتاڙ ٿي آھي ۽ غريب شاگردن کان حق کسيو ويو آھي. ايم ڊي ڪيٽ جو پيپر آئوٽ ٿيڻ سبب غريب شاگرد پاس ٿي نه سگهيا آھن. جڏھن ته وقت کان اڳ پيپر آئوٽ ڪري ڪروڙين روپين جي هيرا ڦيري پڻ ڪئي وئي. جيڪو غريب شاگردن جي مستقبل جي مٿان سڌو وار آھي. جڏھن ته ڊائو يونيورسٽي ۽ ان جي انتظاميه خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ٽيسٽ ٻيهر وٺي غريب شاگردن سان انصاف ڪيو وڃي.اڳواڻ وڌيڪ چيو ته ھن ڀيري ھن ٽيسٽ سان وڏي انگ ۾ ميڙٽ جي لتاڙ ڪري غريب ۽ سنڌ جي ھوشيار ھونھار شاگرد ۽ شاگردياڻين کان انھن جو حق کيسي ان تي سرعام ڌاڙو ھينو ويو آھي. جنھن کي اسان مڪمل طور تي ريجيڪٽ ڪريون ٿا. سنڌ جي بحاليءَ جو سلسلو ميرٽ جي بنياد تي ڪيو وڃي جي اھڙا ھنڃيا ٿيندا رھيا ته سنڌ ڪڏھن به ترقي نه ڪندي ۽ انھن جا ھوشيار ۽ ھونھار شاگرد ۽ شاگردياڻيون ڪڏھن به اڳتي اچي نه سگھندا. ھنن وڌيڪ اھو پڻ چيو ته نگران حڪومت جي ٻيھر ڪرايل ٽيسٽ جو نيتجو اڳ واريءَ کان به وڌيڪ خراب نڪتو آھي. ان مان صاف ظاھر ٿي ويو آھي ته ھتي سمورو سسٽم ڪجهھ ڪريٽ ۽ مفاد پرستن جي ھٿ تي ھلي رھيو آھي. جنھن کي اسان مڪمل طور تي مسترد ڪريون ٿا. ھنن اھو به چيو ته ھن ڀيري واري ٽيسٽ مطابق 170 کان مٿي کينل مارڪون وارن شاگرد ۽ شاگردياڻين کان ٻيھر ٽيسٽ ورتي وڃي ته سڀ اچن ۽ ڪارن جي خبر پئجي ويندي. باقي اسان جي اسڪول خلاف ٿيندڙ ميڊيا ٽرائل بند ڪيو وڃي. جنھن سان اسان جي اسڪول جي ڪردار ڪشي ڪئي پئي وڃي. جنھن جي جيتري مذمت ڪجي اھا گھٽ آھي. اسان جي نگران وڏي وزير، چيف چسٽس آف پاڪستان سميت اعليٰ اختياريون ان جو نوٽيس وٺي غريب شاگردن ۽ شاگردياڻين سان انصاف ڪن ٻئي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائڻ تي مجبور ٿي وينداسين.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button