بريڪنگ نيوزسنڌ

شهدادپور ۾ پي ٽي آءِ جو ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف احتجاج

شھدادپور (ت ر) شهدادپور ۾ زرعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ خلاف پي ٽي آءِ پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو، ماجد باغي، ڪاشف امين، منوچهر گجر جي اڳواڻي ۾ نڪتل ريلي ۾ سخت نعريبازي ڪئي وئي. مظاهرين چيو ته ڊيلرز پاران زرعي ڀاڻ جي بليڪ مارڪٽنگ ڪري مقامي هارين ۽ زميندارن کي ٻنهي هٿن سان لٽيو ۽ ڦريو پيو وڃي، زرعي ڀاڻ جي هٿرادو کوٽ پيدا ڪري نه صرف زميندارن جو معاشي قتل عام ڪيو پيو وڃي گڏوگڏ ڪڻڪ جي پيداوار ۾ به گهٽتائي ايندي جنهن سان خوراڪ جي قلت پيدا ٿيندي، يوريا ڀاڻ 36 سئو بجاءِ ساڍا 5 هزار ۾ وڪرو جڏهن ته ڊي اي پي 16 هزار ۾ وڪرو ڪري آبادگارن سان ظلم ڪيو پيو وڃي هنن مطالبو ڪيو ته هٿرادو کوٽ پيدا ڪندڙ ڊيلرز خلاف قدم کڻي سرڪاري اگھ تي ڀاڻ فراهم ڪري هارين ۽ زميندارن جو معاشي قتل عام بند ڪئي وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button