بريڪنگ نيوزسنڌ

ٺاروشاهه ۾ گندگي جو آزار وڌي ويو،شهرين جو احتجاج

ٺاروشاھه(ن م)ٺاروشاھه شھر جا اٺ وارڊ ۾ ٽائون انتظاميا جي نااھلي جي ڪري گندگي جا ڏھير لڳي ويا ڪيترائي ملازم ويزا تي وڃڻ جي ڪري عملي جي کوٽ نظام درھم برھم ڪري ڇڏيو آھي شھري سماجي اڳواڻن حبيب الرحمٰن راجپوت علي اڪبر ٻرڙو اعجاز قريشي عبدالجبار راجپوت ۽ ٻين جو نيشنل پريس ڪلب تي ٽائون ڪاميٽي انتظاميا جي نااھلي جي ڪري احتجاجي مظاھرو ڪيو جتي ھنن ميڊيا کي ٻڌايو ته ٽائون انتظاميا پنھجي من مستين ۾ مصروف آھي شھر ۾ صفائي نه ٿيڻ جي ڪري اٺ وارڊن گندگي جي ور چڙھي ويا آھن صفائي نه ٿيڻ جي ڪري ھر علاقي ۾ گندگي جا ڏھير لڳڻ سبب مختلف قسمن جا موذي مرض وڌي رھيا آھن پورو شھر گندگي ۽ گندي پاڻي جي ھيٺ اچي ويو آھي ٽائون انتظاميا ڪيترائي ملازم ويزا تي ڇڏي ڏنا آھن جنهن سبب عملو پنھجي من مستين ۾ مصروف آھي جنهن جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا ھنن  سيڪريٽري بلديات ۽ ڊي سي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ٺاروشاھه شھر جا اٺ وارڊ مان صفائي ڪرائي مختلف مرضن ۽ پريشانين کان بچايو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button