بريڪنگ نيوزسنڌ

اسلام ڪوٽ جي اسپتال مان ريفر ڪيل عورت فوت،وارثن پاران ڊاڪٽر تي غفلت جو الزام،احتجاج

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:سجاول بجير) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ميهاري بجير واسڻ عورت 35 ورهين جي صالحان زال قلندر بجير کي وارثن اسلام ڪوٽ جي اسپتال ۾ داخل ڪرايو،جتي شروعاتي علاج بعد ڊاڪٽرن کيس مٺي ريفر ڪيو،عورت مٺي اسپتال پهچجندي فوت ٿي وئي،اُنهي سلسلي ۾ فوتي عورت جي وارثن پريس ڪلب پهچي ڊاڪٽرن تي علاج ۾ غفلت جو الزام هڻندي احتجاج ڪيو،احتجاج ڪندڙن قلندر بجير،رسول بخش بجير،،محب بجير،وريام بجير ۽ ٻين دانهيندي چيو ته اسان عورت کي اسپتال داخل ڪرايو تڏهن ٺيڪ هئي،صرف بليڊپريشر جو مسئلو هو،پر اسپتال جي ڊاڪٽرن بليڊپريشر بدران ٻيو علاج پئي ڪيو،نيٺ آخري ۾ ريفر ڪيو ويو،اسان مٺي اسپتال مس پهتاهئاسين ته عورت فوت ٿي وئي،ڊاڪٽرن جي لاپرواهي سبب اسان جي عورت فوت ٿي آهي،اسپتال پي پي ايڇ آءِ حوالي ٿيڻ بعد ڪوس گهر بڻجي وئي آهي،نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي،ٻي پاسي ڊيوٽي ڊاڪٽر گوندا لوهاڻو رابطي تي ٻُڌايو ته اسان وٽ عورت صرف اڌ ڪلاڪ اسپتال ۾ داخل هئي،عورت کي ساهھ ۾ تمام پُراڻي تڪليف هئي،ڪمزور به هئي،اسان شروعاتي علاج بعد وارثن کي مٺي وڃڻ جو مشورو ڏنو،جنهن بعد وارث کيس مٺي کڻي ويا،علاج ۾ ڪا به غفلت ناهي ڪئي،عورت کي چيسٽ جي پُراڻي بيماري لڳل هئي ۽ ساھه کڻڻ ۾ تڪليف ٿي پئي،اسان آڪسجن لڳائڻ سميت هر ممڪن علاج جي ڪوشش ڪئي هئي،علاج ۾ غفلت جا الزام غلط آهن،ڪير به انڪوائري ڪري سگهي ٿو

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button