بريڪنگ نيوزسنڌ

جمعيت علماءِ سڪندريه پاڪستان ضلعي ٿرپارڪر جو تنظيمي اجلاس منعقد

ڇاڇرو(ن-م) جمعيت علماءِ سڪندريه ضلعو ٿرپارڪر جو تنظيمي ساليانو اجلاس مدرسه سڪندريه شاھ مردان شاهه علامه محمد يونس سڪندري جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾  عالمن چيو ته سڪندري سني اصلاحي پروگرام تحت قادري طريقي جي ذڪر ۽ درود وسلام جون  ھفتيوار منظم انداز سان محفلون منعقد ڪيون وڃن ، حر جماعت جي نوجوانن جون ڪاميٽيون جوڙي ھفتي وار ڳوٺن شهرن جي مختلف ماڳن تي اھڙا اجتماع ڪيا وڃن. ان سلسلي ۾ سڪندري عالمن کي خصوصي هدايتون عرض ڪيون ويون ، اڳواڻن  وڌيڪ چيو ته  اسان کي ھميشه اخلاص نيڪ نيتي سان  ديني اصلاحي خدمتون ڪرڻ گھرجن ،   اسان کي  جمعيت علماءِ سڪندريه پاڪستان مرڪز جي طرفان جيڪي پيغام ھدايتون ملن ٿيون  ان تي عمل ضروري آهي. پيرسائين پاڳارا جن وطن پاڪستان امت مسلمه حر جماعت جي لاءِ ھروقت ڇپر ڇانءَ رھندا آھن.  اجلاس ۾ علامه محمد يونس سڪندري، ناظم اعليٰ محمد آدم سڪندري، جوائنٽ سيڪريٽري عبدالحفيظ سڪندري، ولي محمد سڪندري، سيد ذوالفقار علي شاھ سڪندري،  عبدالمتين سڪندري، حافظ عبدالغني سڪندري ، محمد حسن سڪندري، احمد رضا سڪندري، غلام رسول سڪندري، علي اڪبر سڪندري، شمس الدين سڪندري،  علي نواز سڪندري ، ڊاڪٽر غلام رسول سڪندري، عبدالحليم سڪندري، عبد القادر سڪندري، حافظ محمد سليمان سڪندري، اجلاس ۾ آجياڻو ولي محمد سڪندري ضلعي صدر پيش ڪيو،تلاوت ڪلام پاڪ قاري علي شير سڪندري، نعت منقبت فقير غلام رسول راھمون طالب علم ، خاص مھمان خليفو فقير محمد رمضان راھمون  ھو  اجلاس ۾ وڏي تعداد ۾ضلعي جي سڪندري عالمن حافظن شرڪت ڪئي ،آخر ۾ درود وسلام پڙھي اعليٰ حضرت پيرسائين پاڳارا وطن پاڪستان، عالم اسلام، حر جماعت، درگاهه شريف ۽ اھل سنت و جماعت جي لاءِ خصوصي دعائون گهري ننگر عام ڪيو ويو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button