تازيون خبرون
مکيه صفحو / قومي خبرون / پاڪستان ۾ آمريت يا بادشاهت ناهي، اسان کي قانون ۽ آئين موجب هلڻو آهي: فواد حسين چوڌري

پاڪستان ۾ آمريت يا بادشاهت ناهي، اسان کي قانون ۽ آئين موجب هلڻو آهي: فواد حسين چوڌري

اسلام آباد (م-ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته شريف خاندان بابت حيران ڪندڙ انڪشاف سامهون اچي رهيا آهن.وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري جو چوڻ هو ته گذريل حڪومتن ۾ سمورا ماڻهو ڪرپشن ۾ ملوث نظر اچي رهيا آهن، خواجا آصف، احسن اقبال ۽ ٻيا ماڻهو وڏي ڪرپشن ۾ ملوث آهن. فواد چوڌري چيو ته آصف زرداري، نواز شريف ۽ شهباز شريف هڪ ئي پيٽرن تي ڪم ڪري رهيا هئا، پهريان پئسو باهر موڪليو ويو، پوءِ جعلي ٽي ٽي وسيلي واپس موڪليا ويا. هن چيو ته نيب موجب ن  ليگ جا ڪجهه اڳواڻ ميگا ڪرپشن ۾ ملوث آهن، الله تعاليٰ کانپوءِ عوام جي عدالت سڀ کان وڏي عدالت آهي.فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ بادشاهت هجي ها ته اسان به هوٽل ۾ 200 ماڻهن کي اونڌو لڙڪايون ها، پئسو واپس اچي وڃي ها، هتي آمريت يا بادشاهت ناهي ان لاءِ اسان کي قانون ۽ آئين موجب هلڻو آهي. وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا اجلاس ۾ بجلي ۽ گيس جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ٿي، لاهور ۽ اسلام آباد سميت مختلف جاين تي گيس جي بلنگ جا مسئلا آهن جڏهن ته پاور سيڪٽر ۾ به گيس جي بلنگ جا مسئلا  آهن. هن چيو ته پيپلز پارٽي جي ايم اين اي ۽ اڳوڻي وزير به گيس چوري ۾ ملوث آهي، حنا رباني کر 2 سالن کان بجلي چوري جي ڪيس ۾ حڪم امتناعي تي آهي.فواد چوڌري چيو ته بجلي چوري ۾ هينئر تائين 40 ارب روپين جا نقصان روڪيا ويا آهن، بجلي چور ي ۾ کاتن جا پنج سئو ماڻهو به ملوث مليا آهن جڏهن ته گيس جي چوري روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. وفاقي وزير ٻڌايو ته ڪابينا نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي اڄ منظوري ڏني، وزيراعظم 17 اپريل تي اسلام آباد ۾ نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جي پيڙهه جو پٿر رکندو.02

 

ھي به ڏسو

سيد صدر الدين شاهه راشدي سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي ملاقات

ڪراچي( بيورو رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاهه راشدي سان سنڌ …

شارٽ ڪٽ سان امير ٿيڻ وارن کي خبر هئڻ گهرجي ته ڪفن کي کيسا ناهن هوندا: نيب چيئرمين

لاهور(م ڊ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته شارٽ ڪٽ سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے