تازيون خبرون
مکيه صفحو / قومي خبرون / جيڪڏهن اسان موجوده حڪومت کي نه ڪيرايو ته ڪا ٻي طاقت اچي ويندي: آصف زرداري

جيڪڏهن اسان موجوده حڪومت کي نه ڪيرايو ته ڪا ٻي طاقت اچي ويندي: آصف زرداري

اسلام آباد(م-ڊ)پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري سان جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمٰن ملاقات ڪئي، مولانا فضل الرحمٰن زرداري هائوس اسلام آباد پهچي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي تفصيلي غور ويچار ڪيو ويو، ذريعن موجب ملاقات دوران مولانا فضل الرحمٰن پ پ جي شريڪ چيئرمين کي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف سان ٿيل ملاقات جي تفصيلن بابت به آگاهه ڪيو، جڏهن ته ٻين معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻنهي وچ ۾ ملاقات دوران راجا پرويز اشرف ۽ ٻيا پڻ موجود هئا، ملاقات ۾ فوجي عدالتن جي مدي ۾  واڌ سميت اهم معاملن تي غور ڪيو ويو، ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي آصف علي زرداري چيو ته جيڪڏهن اسان موجوده حڪومت کي اسان نه ڪيرايو ته ڪا ٻي طاقت اچي ويندي ۽ ايندڙ نسل اسان کي معاف نه ڪندو، مولانا فضل الرحمٰن چيو ته آصف زرداري سان ملاقات معمول موجب هئي، جنهن جي ڪا ايجنڊا نه هئي ۽ نواز شريف سان ٿيل ملاقات جي به ڪا ايجنڊا نه هئي پر اسين چور حڪمرانن کان نجات واري ايجنڊا تي گڏ آهيون، هن چيو ته آصف زرداري جو چوڻ آهي ته هر تحريڪ جو هڪ وقت هوندو آهي.7

 

ھي به ڏسو

سيد صدر الدين شاهه راشدي سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي ملاقات

ڪراچي( بيورو رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاهه راشدي سان سنڌ …

شارٽ ڪٽ سان امير ٿيڻ وارن کي خبر هئڻ گهرجي ته ڪفن کي کيسا ناهن هوندا: نيب چيئرمين

لاهور(م ڊ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته شارٽ ڪٽ سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے