تازيون خبرون
مکيه صفحو / قومي خبرون / حڪومت پاران شريف خاندان خلاف ڪرپشن جا نوان ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو، بدقسمتي سان چور پي اي سي جو چيئرمين ٿي ويو: عمران خان

حڪومت پاران شريف خاندان خلاف ڪرپشن جا نوان ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو، بدقسمتي سان چور پي اي سي جو چيئرمين ٿي ويو: عمران خان

لاهور / اسلام آباد  (اين اين آءِ / م ڊ) وزيراعظم عمران خان شهباز شريف کي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو چيئرمين بنائڻ واري غلطي کي تسليم ڪندي چيو آهي ته مون کي دوستن غلط مشورو ڏنو هڪ چور ۽ ڦورو پي اي سي جو چيئرمين ٿي ويو.  حڪومت شريف خاندان جي خلاف ڪرپشن جا نوان ڪيس داخل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو لاهور ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف پنجاب جي صوبائي پارلياماني پارٽي ۽ صوبائي ڪابينا جو اجلاس ٿيو اجلاس کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير ميان محمود رشيد چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت شريف فيملي جي خلاف نون  ڪيسن جي تياري مڪمل ڪري ورتي آهي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت جي ادارن نون ڪيسن لاءِ مواد گڏ ڪري ورتو آهي ميان محمود رشيد چيو ته شريف فيملي جي خلاف پهريان پراڻا ڪيس هئا ۽ هاڻي نوان ڪيس داخل ٿيندا وزيراعظم عمران خان وزيرن کي شريف فيملي جي خلاف ڪرپشن جي ڄاڻ کان ڄاڻ ڏني ۽ وڌيڪ ڪرپشن وائکي ڪرڻ جو ڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وزيراعظم عمران خان پنجاب ۾ نئين بلدياتي نظام جي مسودي جي منظوري ڏئي ڇڏي.لاهور ۾ وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ تحريڪ انصاف پنجاب جي صوبائي پارلياماني پارٽي ۽ صوبائي ڪابينا جو گڏيل اجلاس ٿيو جنهن ۾ نئين بلدياتي نظام جو مسودو پيش ڪيو ويو ۽ سيڪريٽري لوڪل گورنمينٽ مقامي حڪومتن جي نظام تي بريفنگ ڏني.اجلاس ۾ نئين بلدياتي نظام جي مسودي جي مڻظوري ڏني وئي جنهن کي جلد پنجاب اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويندو. وزير هائوسنگ پنجاب ميان محمود الرشيد ٻڌايو ته پنجاب ۾ نئون بلدياتي نظام ٻن درجن تي ٻڌل هوندو جنهن ۾ تعلقه ۽ وليج ڪائونسل شامل آهن، وليج ڪائونسل ۽ محلا ڪائونسل جي چونڊ غير جماعتي بنيادن تي جڏهن ته تعلقي ۽ ميونسپل ڪائونسل جي چونڊ جماعتي بنيادن تي ڪرائي ويندي. محمود الرشيد وڌيڪ چيو ته شهرن ۾ ميونسپل ۽ محلا ڪائونسل جڏهن ته ڳوٺن ۾ تعلقي ۽ وليج ڪائونسل هونديون جيڪي ضلعي ڪائونسل کي ختم ڪري قائم ڪيون وينديون. وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڪشمير جو مسئلو ٻرندو نٿو ڏسي سگهجي ان کي حل ڪرڻو ئي پوندو. جيڪڏهن مودي ٻيهر ڪامياب ٿئي ٿو ته امن ڳالهيون بحال ٿيڻ جا بهتر موقعا پيدا ٿيندا. ايٽمي لحاظ کان هٿياربند پاڙيسري پنهنجن اختلافن کي رڳو ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهن ٿا. ڀارتي اڳواڻن جي الزامن جي جواب ۾ اسان به الزام مڙهينداسين ته ڇڪتاڻ وڌندي ٻنهي ملڪن جي اوليت غربت ختم ڪرڻ جي هجي. ڀارت پاڪستان تي ٻيهر حملو ڪري ها ته جواب ڏيڻ کانسواءِ ٻيو ڪوئي دڳ نه هو، جيش محمد جهڙين تنظيمن کي پهريان ئي هٿيارن کان پاڪ ڪري رهيا آهيون انهن جي مدرسن جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو آهي. اسان ويڙهاڪ ٽولن جي خلاف ڪارروائي جو پڪو پهه ڪري ڇڏيو آهي. آسيه بي بي محفوظ آهي ڪجهه هفتن ۾ پاڪستان ڇڏي هلي ويندي. اربع تي پرڏيهي ميڊيا کي ڏنل انٽرويو ۾ وزيراعظم عمران خان کان سوال ڪيو ويو ته آسيه بي بي سان ڇا ٿيو اها اڃا تائين پاڪستان ڇڏي ڇو ناهي ويئي. عمران خان چيو ته اوهان ڏسندا ته آسيه بي بي جلد پاڪستان ڇڏي ويندي. ڇا اسان ان حوالي سان ڏينهن يا هفتن ۾ ڳالهه ڪري رهيا آهيون جواب ۾ پاڪستاني وزيراعطم چيو ته منهنجي خيال ۾ اسان هفتن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. سوال ڪيو ته ڇا هي اوهان جو فيصلو آهي عمران خان چيو ته ان حوالي سان ڪجهه رنڊڪون آهن ۽ مان ميڊيا سان ان بابت ڳالهه نه ٿو ڪري سگهان پر مان اوهان کي يقين ڏياريان ٿو ته آسيه بي بي محفوظ آهي اها ڪجهه هفتن اندر پاڪستان ڇڏي هلي ويندي هڪ ٻئي انٽرويو ۾ پرڏيهي صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جيڪڏهن ڀارت جي چونڊن ۾ مودي ٻيهر ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته امن ڳالهيون بحال ٿيڻ جا بهتر موقعا پيدا ٿيندا. هن چيو ته جيڪڏهن ڪانگريس چونڊن ۾ ڪامياب ٿئي ٿي ته شايد هو پاڪستان سان ڪشمير جي مسئلي جو حل ڳولڻ ۾ ڪجهه منجهاري جو شڪار هجي ڇو ته کيس ساچي ڌر جي جماعتن جي ردعمل جو خوف ٿيندو جڏهن ته جيڪڏهن بي جي پي ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته جيڪا پاڻ هڪ ساڄي ڌر جي جماعت آهي ته شايد ڪشمير جي معاملي تي ڪوئي حل ڳولي سگهجي.6

ھي به ڏسو

سيد صدر الدين شاهه راشدي سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي ملاقات

ڪراچي( بيورو رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاهه راشدي سان سنڌ …

شارٽ ڪٽ سان امير ٿيڻ وارن کي خبر هئڻ گهرجي ته ڪفن کي کيسا ناهن هوندا: نيب چيئرمين

لاهور(م ڊ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته شارٽ ڪٽ سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے