تازيون خبرون
مکيه صفحو / قومي خبرون / ناڻي واري وزير پاران عالمي بئنڪ جي صدر ۽ آءِ ايم ايف جي اختيارين سان ملاقاتون

ناڻي واري وزير پاران عالمي بئنڪ جي صدر ۽ آءِ ايم ايف جي اختيارين سان ملاقاتون

واشنگٽن ( م-ڊ) عالمي بئنڪ جي صدر ڊيوڊ مالپاس پاڪستان ۾ هلندڙ سڌارن جي عمل کي واکاڻيندي پاڪستان جي مدد جاري رکڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ناڻي وارو وزير اسد عمر عالمي مالياتي اداري آءِ ايم ايف ۽ عالمي بئنڪ /اجي بهار جي موسم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ واشنگٽن ۾ موجود آهي ۽ جتي هن اختيارين سان ملاقاتون ڪيون آهن. ناڻي واري وزير اسد عمر عالمي بئنڪ جي صدر ڊيوڊ مالپاس سان ملاقات ڪئي جنهن دوران کيس پاڪستان جي ميڪرو اڪنامڪ صورتحال کان آگاهه ڪيو ويو ۽ ان موقعي تي پاڪستان ۽ عالمي بئنڪ وچ ۾ منصوبن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف جي ڊپٽي مئنيجمينٽ ڊائريڪٽر ڊيوڊ لپٽن سان به ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ هلندڙ ڳالهين تي به غور ويچار ڪيو ويو. اسد عمر آمريڪا پاڪستان بزنس ڪائونسل جي ميمبرن سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملٽي نيشنل ڪمپنيز جي اختيارين به شرڪت ڪئي جڏهن ته اختيارين پاڪستان ۾ پنهنجي مستقبل جي منصبن ۽ پاڪستان جي مدد تي به ڳالهيون ڪيون جڏهن ته ڪيترين ئي ملٽي نيسنل ڪمپنين پاڪستان ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ دلچسپي جو به اظهار ڪيو. ان موقعي تي ناڻي واري وزير اسد عمر چيو ته پاڪستان ڪاروبار ڪندڙن لاءِ آسانيون پيدا ڪري رهيو آهي، وزيراعظم عمران خان سڌارن واري عمل جي پاڻ نگراني ڪري رهيو آهي.02

ھي به ڏسو

سيد صدر الدين شاهه راشدي سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي ملاقات

ڪراچي( بيورو رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاهه راشدي سان سنڌ …

شارٽ ڪٽ سان امير ٿيڻ وارن کي خبر هئڻ گهرجي ته ڪفن کي کيسا ناهن هوندا: نيب چيئرمين

لاهور(م ڊ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته شارٽ ڪٽ سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے