تازيون خبرون
مکيه صفحو / قومي خبرون / اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گهوٽڪي جي ٻن ڀينرن جي مذهب مٽائڻ کي درست قرار ڏيندي کين مڙسن حوالي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ گهوٽڪي جي ٻن ڀينرن جي مذهب مٽائڻ کي درست قرار ڏيندي کين مڙسن حوالي ڪري ڇڏيو

اسلام آباد/ ڏهرڪي/ ميرپورماٿيلو (نمائندن وٽان/ اين اين آءِ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اسلام قبول ڪندڙ گهوٽڪي جي ٻن ڀينرن جي مذهب مٽائڻ کي درست قرار ڏيندي پنهنجن مڙسن سان وڃڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي. جڏهن ته گهرو سيڪريٽري ٻڌايو ته ميڊيڪل رپورٽ موجب ڇوڪريون بالغ آهن جن جون عمريون 19 ۽ 20 سال آهن، ظاهر ۾ هي ڏاڍ ذريعي مذهب تبديل ڪرائڻ جو ڪيس نٿو لڳي، خميس تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس اطهر من الله گهوٽڪي جي ٻن ڀينرن رينا ۽ وينا جي تحفظ جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، گهرو سيڪريٽري ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿيو، چيف جسٽس چيو ته ٻڌايو هن وقت تائين ڇا ڪيو آهي، گهرو سيڪريٽري چيو ته عدالتي حڪم تي ڇوڪرين جو تحفظ ڪيو آهي، هن چيو ته عدالت اسان کي ڪميشن ميمبرن کي گڏ ڪرڻ جو چيو هو، گهرو سيڪريٽري چيو ته مان ۽ آءِ اي رحمان صاحب ٻئي ڇوڪرن سان ملي انهن کان راءِ وٺنداسين، گهرو سيڪريٽري چيو ته شيرين مزاري ٻي عورت ميمبر سميت ڇوڪرين سان ملي. هن چيو ته ظاهر ۾ هي ڏاڍ ذريعي مذهب مٽائڻ جو ڪيس نٿو لڳي، هن چيو ته ڪميشن جا 2 ميمبر ملڪ ۾ نه هئا، ٻين سڀني سان رابطو ٿي ويو، هن چيو ته ميڊيڪل بورڊ موجب آسيا جي عمر 19 ۽ ناديا جي 18 سال آهي، گهرو سيڪريٽري ميڊيڪل بورڊ جي رپورٽ به پيش ڪري ڇڏي، پمز جي ميڊيڪل بورڊ رپورٽ موجب آسيا جي عمر 19 ۽ ناديا جي عمر 18 سال آهي، عدالت چيو ته واضح ٿي ويو ته ڇوڪرين خوشي سان اسلام قبول ڪيو آهي، ڪميشن جا ميمبر احترام جوڳا آهن، عدالت ڇوڪرين کي پنهنجن مڙسن سان وڃڻ جي اجازت ڏيندي گهرو سيڪريٽري کي ڇوڪرين ۽ سندن مڙسن جي حفاظت جو پابند بڻائي ڇڏيو، عدالت انڪوائري ڪميشن کان 14 مئي تائين آخري سفارشن تي رپورٽ طلب ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. هوڏانهن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ڪورٽ پاران نارين کي سندن مڙسن  حوالي ڪرڻ بعد رابطي ڪرڻ تي ڀرچونڊي پير ۽ اڳوڻي ايم اين اي ميان مٺو جو چوڻ آهي ته رينا ۽ وينا جي اسلام قبول ڪرڻ واري مامري تي چيو ويو کين اهي ڳالهيون ڪيون ويون ته کين هندو نارين کي زبردستي اغوا ڪري کين مسلمان ڪيو ويو آهي اصل ۾ اهي واويلا ڪندڙڀارتي را جا ايجنٽ آهن ۽ اُهي اهڙي واويلا ڪري پاڪستان ۽ اسلام کي بدنام ڪرڻ جي سازش پيا ڪن، هُن جو چوڻ هو ته اسلام ۾ زبردستي مذهب تبديل ڪرائڻ جي اجازت ناهي، ٻئي ناريون رضا خوشي سان مسلمان ٿيون ۽ شادي ڪري عدالت ۾ سندن 164 جو بيان پڻ ڏنو پر ان باوجود اسلام مخالف ماڻهن غلط افواهه ڦهلايا جنهن بعد هاڻ انهن کي قبول ڪرڻ گهرجي ته اسلام ۾ ڪنهن جو زبردستي مذهب مٽائڻ جي اجازت نه آهي.6

ھي به ڏسو

سيد صدر الدين شاهه راشدي سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي ملاقات

ڪراچي( بيورو رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاهه راشدي سان سنڌ …

شارٽ ڪٽ سان امير ٿيڻ وارن کي خبر هئڻ گهرجي ته ڪفن کي کيسا ناهن هوندا: نيب چيئرمين

لاهور(م ڊ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته شارٽ ڪٽ سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے