تازيون خبرون
مکيه صفحو / قومي خبرون / آءِ ايم ايف سان اصولي اتفاق ٿي ويو آهي، عالمي مالياتي اداري جي شرطن کان اڳ ئي بنيادي تبديليون ٿي چڪيون آهن: اسد عمر

آءِ ايم ايف سان اصولي اتفاق ٿي ويو آهي، عالمي مالياتي اداري جي شرطن کان اڳ ئي بنيادي تبديليون ٿي چڪيون آهن: اسد عمر

واشنگٽن (اين اين آءِ/ م-ڊ) ناڻي واري وزير اسد عمر جو چوڻ آهي ته سندس استعيفيٰ جون ڳالهيون غلط آهن مان ڪيڏانهن نه پيو وڃان. ناڻي واري وزير چيو ته هن وقت واشنگٽن ۾ موجود آهي جتي ميڊيا سان ڳالهائڻ دوران صحافي سندس استعيفيٰ بابت گردش ڪندڙ خبرن بابت سوال ڪيو ته هن ان جو جواب شعر پڙهي ڪري ڇڏيو، هزارون خواهشين ايسي ڪه هر خواهش پر دم نڪلي. اسد عمر چيو ته  پرڏيهه وڃان ٿو ته اهڙيون ڳالهيون ڪيون وينديون آهن جڏهن ته مان ڪيڏانهن نه پيو وڃان، وزيراعظم عمران خان چيو هو ته پاڪستان کي اوهان جي ضرورت آهي. ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف سان پروگرام جلد مڪمل ٿي ويندو، آءِ ايم ايف جي شرطن کان اڳ ئي بنيادي تبديليون ڪيون ويون آهن ۽ ايندڙ ڪم بنيادي ڍانچي ۾ سڌارن جو ڪرڻو آهي، اسان پاڪستان ۾ بنيادي ڍانچي ۾  سڌارا تي يقين رکون ٿا. ناڻي واري وزير جو چوڻ هو ته خطرناڪ حد تائين ادائيگين جي توازن جو بحران هو جنهن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا ۽ قيمتن ۾ واڌ بابت قدم پهريان ئي کڻي چڪا آهيون، اسان آپشن پيدا ڪيا هئا ان لاءِ فوري طور تي آءِ ايم ايف سان معاهدو نه ڪيو، معيشت ۾ اهڙا قدم کڻڻا پوندا آهن. اسد عمر چيو ته آءِ ايم ايف جون تجويزون پاڪستان جي معيشت لاءِ بهتر نه هيون، تنهنڪري تيستائين معاهدو نه ڪيو جيستائين  اسان جي اڳيان اهڙيون تجويزون نه رکن جيڪي معيشت جي بهتري لاءِ هجن.  ناڻي واري وزير ٻڌايو ته فيبروري ۾ جاري کاتن جو خسارو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 72 سيڪڙو گهٽ هو ۽ ماهوار واپاري خساري ۾ گهٽتائي اچي رهي آهي ۽ ڊگهي مدي تائين فناسنگ جو به انتظام ڪري ورتو آهي، آءِ ايم ايف پروگرام معيشت کي بهتري ڏانهن وٺي ويندو.  سندس چوڻ هو  ته علائقائي واپار سان خطي جي عوام جي بهتري ٿيندي، ڀارت سان ٻه طرفن مسئلن تي ڳالهين جو ارادو آهي، اميد آهي ته ڀارت ۾ نئين حڪومت پاڪستان سان ڳالهين جي ميز تي ايندي.  اسد عمر چيو ته ترڪي سان اسٽريٽجڪ اڪنامڪ فريم ورڪ جو ڊرافٽ تيار ڪري ورتو آهي جنهن تي هڪ مهيني ۾ صحيح  ڪنداسين جڏهن ته ترڪمانستان سان گئس پائپ لائن معاهدو ٿي چڪو آهي، اڄ افغانستان جي ناڻي واري وزير ۽ تاجڪستان جي ناڻي واري نائب وزير سان ملاقات ٿيندي، ٻنهي ملڪن سان واپار وڌائي سگهون ٿا. وفاقي ناڻي وزير آمريڪا جي دوري دوران سعودي ناڻي وزير آمريڪي ناڻي وزارت جي عملدارن، ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر ۽ عالمي بئنڪ جي صدر سميت مختلف اڳواڻن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ عملدارن کي ملڪ جي معاشي صورتحال، سڌارا مني لانڊرنگ جي خلاف قدم ۽ قانون جي سخت عمل تي بريفنگ ڏني ويئي جمعي تي اسد عمر جي آمريڪا ۾ مصروفيت ۽ عالمي اڳواڻن سان ملاقاتن جي حوالي سان ناڻي وزارت پڌرنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي ملاقات ۾ سعودي عرب ۾ پاڪستاني اڏاوتي ورڪرز جي انگ ۾ واڌ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ناڻي وزير ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر تاڪي هيڪوناڪوئي سان ملاقات ڪئي ناڻي وزير ملڪ جي معاشي صورتحال تي ڄاڻ ڏني ملاقات ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي مالي امداد 7 ملڪن ۾ جاري منصوبن جي اڳڀرائي جي ڳالهه ٻولهه ڪئي ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي صدر پاڪستان کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي اسد عمر جي عالمي بئنڪ جي نائب صدر ڏکڻ ايشيا هارٽ وگسيگفر سان به ملاقات ڪئي جنهن ۾ عالمي بئنڪ جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري پروگرام تي غور ڪيو ويو جاري منصوبن کان علاوه عالمي بئنڪ پاران مستقبل ۾ 9 شعبن ۾ امداد فراهم ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ويئي ناڻي وزير عالمي بئنڪ جي ماتحت اداري ميگا جي چيف آپريٽنگ آفيسر وجي آيار سان ملاقات ڪئي حڪومت جي نجڪاري پاليسي ۽ پبلڪ پرائيويٽ پاٽنرشپ فريم ورڪ کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويئي.02

ھي به ڏسو

سيد صدر الدين شاهه راشدي سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي ملاقات

ڪراچي( بيورو رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاهه راشدي سان سنڌ …

شارٽ ڪٽ سان امير ٿيڻ وارن کي خبر هئڻ گهرجي ته ڪفن کي کيسا ناهن هوندا: نيب چيئرمين

لاهور(م ڊ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته شارٽ ڪٽ سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے