تازيون خبرون
مکيه صفحو / قومي خبرون / پارليامينٽ پاڻ پنهنجي ٺاهيل قانونن جو جائزو وٺي ججن کي وڌيڪ ڊومور نه ٿو چئي سگهجي:چيف جسٽس

پارليامينٽ پاڻ پنهنجي ٺاهيل قانونن جو جائزو وٺي ججن کي وڌيڪ ڊومور نه ٿو چئي سگهجي:چيف جسٽس

اسلام آباد (اين اين آءِ) چيف جسٽس آصف سعيد کوسه عدالت ۾ التوا هيٺ پيل ڪيسن کي اڪلائڻ جي رفتار تي اطمينان ڪندي چيو آهي ته گذريل سال عدالت 34 لک ڪيس اڪلايا ججن کي ان کان وڌيڪ ڊو مور جو نٿو چئي سگهجي سستو ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪرڻ رياست جي ذميواري آهي بدقسمتي سان انصاف جو شعبو پارليامينٽ جي ترجيحن ۾ نه آهي پارليامينٽ ۽ انتظاميه کي انصاف جي شعبي ۾ بهترين ذميواري وٺڻي پوندي عدالتي فيصلن ۾ دير کي ٽارگيٽ ڪري ختم ڪرڻو آهي ٻن هفتن ۾ جاچ مڪمل ڪري چالان جمع ڪرائڻ لازمي آهي دهشتگردي روڪٿام قانون ڏسجي ته چوري ۽ زنا به دهشتگردي آهي ڪيسن جا تڪڙا فيصلا ڪندڙ ججن کي سلام ڪيان ٿو جوابدارن پاران حاضري تي نه اچڻ تي جيل عملدارن جي خلاف ڪارروائي ٿيندي جج ٻڌڻي سان گڏ ئي فيصلو لکڻ شروع ڪري ڇڏين گڏوگڏ فيصلو لکبو رهي ته دليل مڪمل ٿيندي ئي فيصلو تيار ٿيندو ماڊل ڪورٽ جي ججن جو ڪردار فراموش ڪرڻ جوڳو نه آهي هڪ مهيني کان پوءِ ماڊل ڪورٽس جو هڪ هڪ جج وڌائينداسين. ڇنڇر تي وفاقي جڊيشل اڪيڊمي ۾ تڪڙو انصاف فراهم ڪرڻ جي حوالي سان قومي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيف جسٽس آصف سعيد کوسه چيو ته جج ٿيس ته پهرين ڏينهن کان ئي مشن هو ته ڪيسن جا جلد فيصلا ڪيا وڃن هن چيو ته بار ۾ وڪيل مون کي ۽ ساٿي ججن کي جنون گروپ چوندا هئا هن چيو ته رياست جي ذميواري آهي ته سستو ۽ تڪڙو انصاف فراهم ڪري هن چيو ته ماضي ۾ فيصلن ۾ دير گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيترائي تجربا ڪيا هن چيو ته ڪڏهن قانون ۾ ترميم ڪڏهن ڊو مور جي تجويز ڏني ويئي هن چيو ته ججن کي ڊو مور لاءِ نٿو چئي سگهجي اسان جا جيترا جج ڪم ڪري رهيا آهن دنيا ۾ ايترو ڪوئي نٿو ڪري هن چيو ته ملڪ ۾ ڪل 3000 جج آهن چيف جسٽس چيو ته آمريڪي سپريم ڪورٽ سال ۾ 80 کان 90 ڪيس اڪلائي ٿي هن چيو ته برطانوي سپريم ڪورٽ ساليانو 100 ڪيسن جا فيصلا ڪري ٿي پاڪستان سپريم ڪورٽ گذريل سال 26 هزار ڪيس اڪلايا هن چيو ته قانون چوي ٿو ته فوجداري ڪيس جي جاچ ٻن هفتن ۾ مڪمل ٿئي هن چيو ته ٻن هفتن ۾ جاچ مڪمل ڪري چالان جمع ڪرائڻ لازمي آهي هن چيو ته چالان جمع ٿيڻ کان پوءِ عدالت جو ڪم آهي ته ڪيس جو شيڊول تيار ڪري هن چيو ته برطانيا ۾ اڄ به ڪيس داخل ڪريو ته سال کان پوءِ تاريخ ملي ٿي هن چيو ته برطانيا ۾ جڏهن ڪيس لڳي وڃي ته پوءِ التوا جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي هن چيو ته ٽرائيل ڪورٽ ۾ التوا جو ڪوئي تصور ناهي هوندو چيف جسٽس چيو ته ماڊل ڪورٽس ۾ شاهد پيش ڪرڻ ۾ پوليس جو سهڪار مثالي آهي هن چيو ته فورنزڪ ليب ماهر به عدالت سان ڀرپور تعاون ڪري رهيا آهن ٻڌڻي کان اڳ سمورو لاڳاپيل مواد عدالت ۾ موجود هجڻ گهرجي هن چيو ته دير کي ٽارگيٽ ڪري ختم ڪرڻو آهي. هن چيو ته اسان ڪوئي قانون تبديل ڪيو آهي نه ئي ضابطئه ڪار تبديل ڪيو چيف جسٽس چيو ته عدالتي جائزي کان پهريان بهتر ٿيندو ته پارليامينٽ اهڙن قانونن جو جائزو وٺي هن چيو ته پراپرٽيز جي تڪرارن جا فيصلا پوليس جي رپورٽن تي ٿين ها هن چيو ته ڇا پوليس جو ڪم آهي ته ڌرين جي حقن جو تعين ڪري؟ هن چيو ته سول ڪيس ۾ پوليس جي ڪردار جو قانون سمجهه کان ٻاهر آهي هن چيو ته اٽارني جنرل جي ذريعي معاملا حڪومت جي نوٽيس ۾ آندا وڃن هن چيو ته پارليامينٽ پاڻ پنهنجي ٺاهيل قانونن جو جائزو وٺي هن چيو ته دهشتگردي روڪٿام قانون کي ڏسجي ته چوري ۽ زنا به دهشتگردي آهي هن چيو ته عدالت دهشتگردي قلمن جو جائزو وٺڻ لاءِ لارجر بئنچ بڻايو لاجر بئنچ جو فيصلو محفوظ آهي ان لاءِ ان تي مان نه ڳالهائيندس هن چيو ته هي پارليامينٽ جو ڪم آهي ته دهشتگردي روڪٿام جي قانون کي آسان بڻائي.1

ھي به ڏسو

سيد صدر الدين شاهه راشدي سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي ملاقات

ڪراچي( بيورو رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاهه راشدي سان سنڌ …

شارٽ ڪٽ سان امير ٿيڻ وارن کي خبر هئڻ گهرجي ته ڪفن کي کيسا ناهن هوندا: نيب چيئرمين

لاهور(م ڊ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته شارٽ ڪٽ سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے