بريڪنگ نيوزسنڌ

لاڙڪاڻي ۾ آبادگارن پاران پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاج

لاڙڪاڻو(بيورو/س ر) لاڙڪاڻي ۾ پير شير ريگيوليٽر، ڦل مائنر، گهاڙي مائنر جي آبادگارن طرفان پاڻي جي کوٽ خلاف پيرشير باءِ پاس تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو جتي هنن آبپاشي کاتي جي عملدارن خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي آبادگارن سعيد احمد سولنگي، جيند احمد جتوئي، وڏيرو الهه بخش خان عباسي، وڏيرو لياقت ڪورائي، ڪنڊي شر، عبدالقيوم جتوئي ۽ ٻين چيو ته اسان جو واسطو ڳوٺ پيرشير، وڏا مهر، ننڍا مهر، ۽ وڏا ڦل ۽ ننڍا ڦل، دودو سنهڙي، باجهي خان جتوئي، الهندو ميربحر، مسواڻي جتوئي ۽ ٻين ڳوٺن سان آهي اسين سڀ آبادگار دادو ڪئينال مان نڪرندڙ پيرشير ريگيوليٽر، ڦل مائنر ۽ گهاڙي مائنر مان پنهنجي زرعي زمينون آباد ڪندا آهيون هن وقت اسان ڪڻڪ جو فصل پوکيو آهي پر آبپاشي کاتي پاران اسان کي پاڻي نٿو ڏنو وڃي جنهن ڪري پيرشير ريگيوليٽر، ڦل مائنر، گهاڙي مائنر سميت ٻين شاخن ۾ واهن ۾ پاڻي ناهي پهتو جنهن ڪري اسين آبادگارن سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون ان اسان آبپاشي کاتي جي عملدارن سان ڪيترائي ڀيرا ملاقاتون ڪري پاڻي کوٽ جي شڪايتون ڪيون ان باوجود پاڻي جي کوٽ برقرار آهي ان سان اسان جون زرعي زمينون بنجر ٿيڻ جو خدشو آهي اسين سب آبادگار معاشي بدحالي جو شڪار ٿي وينداسين ان لاء اسان جي سنڌ جي نگران وزير اعلى آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير ۽ وس وارن کي اپيل آهي ته فوري طور پاڻي مهيا ڪري ڏنو وڃي جيئن اسان جي پوکيل فصل کي پاڻي وقت سر ملي سگهي. ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button