تازيون خبرون
مکيه صفحو / سنڌ سماچار / ڪوٽ لالو ڀرسان زميني معاملي تان ڀائرن ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي، عورت جو 3 مهينن جو حمل ضايع

ڪوٽ لالو ڀرسان زميني معاملي تان ڀائرن ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا زخمي، عورت جو 3 مهينن جو حمل ضايع

اڪري چودڳي ( ن م ) ڪوٽ لالو لڳ ڪوٽ لالو ٿاڻي جي حد ڳوٺ يارمحمد مري ۾ ٻن سڳن ڀائرن ۾ پلاٽ جي مالڪي تان جھيڙو ٿي پيو جنهن جي نتيجي ۾ سروٽا ۽ لٺيون لڳڻ ڪري عورت سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا جڏھن ته زخمين ۾ ضمير مري ۽ سندس زال روبينه شامل آهن جڏھن ته زخمي عورت روبينه جو مبينه طور 3 مهينن جو حمل به ضايع ٿي ويو جڏھن ته زخمي نواب شاه اسپتال داخل آهن ٻڌايو پيو وڃي ته ٻن ڀائرن ضمير حسين ۽ محمد صديق مري جي وچ۾ پلاٽ جي معاملي تان منھن ماري ٿي پئي هئي ، جنھن سبب معاملو وڌندو وڃي جهيڙي تائين پھتو، جنھن ڪري سروٽن لڳڻ سبب ضمير حسين مري زخمي ٿي پيو، جڏھن ته ضمير حسين مري جي حاملا گھرواري روبينه کي به پيٽ ۾ ڌڪ لڳا، جنهن سبب عورت جو حمل ضايع ٿي ويو جڏھن ته واقعي جي ڪوٽ لالو ٿاڻي تي اين سي داخل ڪئي وئي آهي ٻئي طرف صديق مري جي چوڻ موجب رستو پئي ليول ڪرايو ضمير مونکي اچي گارگند ڪئي، ۽ ڌڪ ھڻڻ لڳو ۽ منھنجي ڏاڙھي پٽڻ لڳو ۽ ڌڪ ھنيا، جڏھن ته ضمير کي پنھنجي ڇوڪرن جو سروٽو لڳو آھي، واضح رھي ته ضمير ۽ صديق جو ان ٽڪري تي ٻه ٽي ڀيرا اڳ۾ به جھيڙو ٿي چڪو آھي 3

ھي به ڏسو

اسلام ڪوٽ ڀرسان مٽي جي ڀڪ ڪرڻ سبب فوت ٿيل ٻن نياڻين جي تدفين

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:سجاول بجير) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڪونڀاريو ۾ هڪ ڏينهن اڳ مٽي کوٽڻ دوران …

بدين ويجهو ڪوچ ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪري پئي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 9 ڄڻا فوت، 45 زخمي

بدين/مٺي/اسلام ڪوٽ(نمائندن وٽان)بدين ويجھو خوفناڪ حادثو، عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙي سميت 9 ڄڻا فوت، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے