تازيون خبرون
مکيه صفحو / سنڌ سماچار / سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي، ڪڻڪ خريداري شروع نه ڪئي وئي ته حڪمت عملي جوڙينداسين: محرم علي شاهه

سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباهه ڪيو پيو وڃي، ڪڻڪ خريداري شروع نه ڪئي وئي ته حڪمت عملي جوڙينداسين: محرم علي شاهه

هنڱورجا (ن م لعل ڏنو سهتو ) هنڱورجا فنڪشنل مسلم ليگ ضلعي خيرپور جو صدر ۽ آبادگار اتحاد جو مرڪزي اڳواڻ سيد محرم علي شاھ لڪياري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ جي زراعت کي هٿ وٺي تباھ ڪيو پيو وڃي ڪڻڪ جي خريداري اڃا تائين شروع نه ڪرڻ آبادگارن کي تباھ ڪرڻ برابر آهي جلد ڪڻڪ خريداري شروع نه ڪئي وئي ته حڪمت عملي جوڙي ويندي. پاسڪو سينٽرن جو تعداد وڌايو وڃي فنڪشنل مسلم ليگ ضلعي خيرپور جي صدر ۽ آبادگار اتحاد جي مرڪزي اڳواڻ سيد محرم علي شاھ لڪياري پريس ڪانفرنس ڪندي چيو  ته سنڌ حڪومت جي خريداري لاءِ ڪائي به پاليسي ۽ سينٽر قائم ناهن ڪيا جنهن سان هارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل ٿي رهيو آهي ۽ خريداري سينٽر نه هجڻ ڪري ڪڻڪ جو في مڻ هڪ هزار روپيه واپاري خريد ڪن ٿاجنهن سان صرف واپارين کي فائدو پهچي ٿو جڏهن ته حڪومت پاران ريٽ 1300 مقرر هيو 18 هين ترميم کان اڳ سنڌ جي زراعت فيڊرل وٽ هئي جنهن سان آبادگارن کي فائدو هيو جنهن جي ڀيٽ ۾ هن وقت صورتحال مختلف آهي هن وڌيڪ چيو ته آباگارن کي گذريل سال جي ڪمند جا پئسا به ناهن مليا شگرملز تي اومني گروپ قابض آهي اسان وس وارن کي گذارش ٿا ڪريون ته سو موٽو وٺي آبادگارن کي رليف ڏنو وڃي ڇو ته اهڙي حالات سان ماڻهو معاشي بدحالي جو شڪار ٿيندا ۽ ڪپھه جي پوکائي به وقت سر نه ٿي سگهندي.1

ھي به ڏسو

اسلام ڪوٽ ڀرسان مٽي جي ڀڪ ڪرڻ سبب فوت ٿيل ٻن نياڻين جي تدفين

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:سجاول بجير) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڪونڀاريو ۾ هڪ ڏينهن اڳ مٽي کوٽڻ دوران …

بدين ويجهو ڪوچ ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪري پئي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 9 ڄڻا فوت، 45 زخمي

بدين/مٺي/اسلام ڪوٽ(نمائندن وٽان)بدين ويجھو خوفناڪ حادثو، عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙي سميت 9 ڄڻا فوت، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے