تازيون خبرون
مکيه صفحو / سنڌ سماچار / بدين ضلعي ۾ پاڻي کوٽ خلاف هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، شادي لارج کان نندو تائين پيادل مارچ

بدين ضلعي ۾ پاڻي کوٽ خلاف هزارين ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، شادي لارج کان نندو تائين پيادل مارچ

بدين/پنگريو(عباسي ۽ کوسو وٽان)بدين ضلعو بچايو ڪميٽي جي سڏ تي پاڻي جي هٿرادو کوٽ، غيرقانوني دڪن، فلڊ ڪئنالن ۽ پاڻي چوري خلاف شادي لارج کان نندي تائين پيادل مارچ، پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جا اڀ ڏاريندڙ نعرا، مارچ جي اڳواڻي بدين ضلعو بچايو ڪميٽي جي اڳواڻن خليل ڀرڳڙي، عزيز ڏيرو ۽ ٻين ڪئي، مارچ ۾ ٿر سڄاڳ فورم جي اڳواڻ محمد خان لنڊ، يوسي مٺي جي چيئرمين فيض الله بروهي يوسي سعيد خان ڀرڳڙي جي چيئرمين عبدالله ڀرڳڙي مرزا گروپ اڳواڻ محمد ابراهيم لنڊ غلام مصطفي لنڊ رئيس لياقت جتوئي حاجي حفيظ الله ڀرڳڙي عبدالله چنا، حاجي قاسم ڀوت عبدالله خان پٺاڻ مبشر گهمڻ سميت  سياسي سماجي، علمي،ادبي، مذهبي، آبادگارن، هاري مزدور توڙي واپارين  ڀرپور شرڪت ڪئي. پيادل مارچ جي ڳوٺاڻن پاران وک وک تي آجيان گلن جي ورکاءَ شادي لارج لڳ گندي سم نالي وٽ ڀوت برادري جي ماڻهن، اي سي چڪ وٽ ڀيل برادري، جت ڪالوني تي جت برادري جڏهن ته پير موڙ تي، ڪولهي برادري مارچ جي ڀرپور آجيان ڪئي ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اڳواڻن چيو ته حڪمرانن جي بيحسيءَ سبب بدين جا ماڻھو پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ به تڙپي رهيا آهن هنن چيو ته مٿي فلڊ ڪئنال ليفٽ مشينن وسيلي بااثر ماڻهو پاڻي چوري ڪري رهيا آهن جڏهن ته اڪرم واھ ۽ ڦليلي ڪئنال کي حصي جو پاڻي به نه ٿو ڏنو وڃي جنهن جي ڪري آبادگار ڪنگال ٿي ويا. هاري مزدور فاقاڪشي ۾ مبتلا ٿي ويا آهن جڏهن ته مال توڙي ماڻهو اڃ مري رهيا آهن هنن چيف جسٽس آف پاڪستان، وزيراعظم پاڪستان چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ کان نوٽيس وٺي غيرقانوني دڪا هٽائڻ فلڊ ڪئنال بند ڪرائي پاڻي چوري روڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي.جڏهن ته بدين ضلع جي پوڇڙ ۾ گذريل 10 مهينن کان وٺي پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف آباگارن سول سوسائٽي سياسي سماجي تنظيمن پاران مسلسل احتجاجن بک هڙتالن پيادل مختلف شهرن کان پيادل مارچ  شٽر بند هڙتال توڙي جي ڊي اي اڳواڻ بيريسٽر حسنين مرزا پاران پاڻي جي کوٽ خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد پيش ڪرڻ ۽ گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي پاران بدين جي متاثر علائقن جو دورو ڪري سنڌ حڪومت کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻائڻ بعد نيٺ بدين مان چونڊيل نمائندن پارٽي جي عهديدارن کي به بدين ۾ پاڻي جي کوٽ جو مسئلو ياد اچي ويو  جنهن بعد وڏي وزير جي آبپاشي جي صلاحڪار اشفاق ميمڻ سيڊ سنڌ جي ڊائريڪٽر غلام علي ٽالپر بدين جي رهواسي سينٽر سڪندر منڌرو ايم پي اي حاجي تاج محمد ملاح  پ پ پ بدين جي صدر حاجي رمضان چانڊيو ۽ ٻين ماتلي بدين گولاچي ۽ ٻين هنڌن تي واهن جي ريگليوليٽرن ۽ مک واهن جو معائنو ڪيو. آبادگارن جي شڪايتن جو جائزو ورتو جڏهن حڪومتي ميمبرن جي آمد جو ٻڌي ڪيترائي آباد هاري ۽ مقامي ماڻهو پهچي ويا ۽ پاڻي کوٽ خلاف شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا  کين پاڻي جي هٿرادو کوٽ بعد ضلع ۾ زراعت جي تباهي علائقن مان ٿيندڙ لڏ پلاڻ بابت آگاهه ڪيو. مٿن زور ڀريو ته بدين ضلعي جي پوڇڙي جي زراعت کي تباهه ٿيڻ کان بچايو وڃي.3

 

ھي به ڏسو

اسلام ڪوٽ ڀرسان مٽي جي ڀڪ ڪرڻ سبب فوت ٿيل ٻن نياڻين جي تدفين

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:سجاول بجير) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڪونڀاريو ۾ هڪ ڏينهن اڳ مٽي کوٽڻ دوران …

بدين ويجهو ڪوچ ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪري پئي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 9 ڄڻا فوت، 45 زخمي

بدين/مٺي/اسلام ڪوٽ(نمائندن وٽان)بدين ويجھو خوفناڪ حادثو، عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙي سميت 9 ڄڻا فوت، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے