تازيون خبرون
مکيه صفحو / سنڌ سماچار / سنڌ جي تقسيم ٿيڻ نه ڏينداسين، ايم ڪيو ايم کان عوام حساب گهريو آهي ته اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا: بلاول ڀٽو

سنڌ جي تقسيم ٿيڻ نه ڏينداسين، ايم ڪيو ايم کان عوام حساب گهريو آهي ته اهڙيون ڳالهيون ڪن ٿا: بلاول ڀٽو

ميرپورماٿيلو/گهوٽڪي/جروار(نمائندن وٽان)پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ميرپور ماٿيلو لڳ خالد آباد ۾ پ پ جي ايم اين اي خالد لنڊ جي رهائش گاهه تي پهتو، جتي هن پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته عمران خان ڀارتي وزير اعظم نريندر مودي جو چوڪيدار بڻيل آهي جيڪو مودي  جي اليڪشن مهم هلائڻ ۾ مصروف آهي جيڪو هن کي نه ڪرڻ گهرجي، هن چيو ته اسان پابندي مڙهيل تنظيمن مٿان نظر رکڻ ۽ چار وزيرن سان انهن جي رابطن بابت ڳالهايون ٿا ۽ چئون ٿا ته انهن وزيرن کي هٽايو وڃي ته اسان کي دهشتگرد چيو وڃي ٿو، هن چيو ته اسان کان دهشتگردي جا واقعا برداشت نٿا ٿي سگهن، هن جو چوڻ هو ته ڪوئٽا ۾ دهشتگردي جي واقعي ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو اهو اسان سڀني جي سامهون آهي، هن چيو ته اسان چئون ٿا ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل ڪندي ايپيڪس ڪاميٽي جي ميٽنگ گهرائي وڃي، دهشتگردن کي ڪلين چٽ ۽ اين آر او نه ڏنو وڃي، ان موقعي تي صحافين پاران پڇيل مختلف سوالن جي جواب ۾ بلاول ڀٽو چيو ته اسان تي ڪرپشن جا لڳايل الزام ثابت ته ڪيا وڃن، هن چيو ته اسين سياست چمڪائڻ لاءِ ڪرپشن جا اشو نٿا کڻون، پ پ واحد جماعت آهي جيڪا گارگند جي سياست  نه ٿي ڪري، هن چيو ته احتساب جج، جنرل ۽ سياستدان سميت سڀني جو ٿيڻ گهرجي. قانون سڀني لاءِ برابر هجڻ گهرجي، هن چيو ته نيب ڪنهن جي لاءِ آله ڪار نه ٿئي، سياسي ا نجنيئرنگ ۾ نيب جو ڪردار اهم هوندو آهي، سياستدانن کي نيب ذريعي حڪومتي جماعتن ۾ شامل ڪرايو ويندو آهي، سڀني کي گڏجي انصاف تي مشتمل هڪ قانون آڻڻو پوندو،  ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن پاران تازي ڪيل پريس ڪانفرنس بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سنڌ کي تقسيم نه ٿيڻ ڏينداسين، ايم ڪيو ايم هر دور ۾َاقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيوار رهي آهي، انهن کي ترقياتي ڪمن جي مد ۾ مختلف دور حڪومت ۾ بجيٽ ملندي رهي، ڪي ايم سي انهن وٽ هئي، هاڻي جڏهن عوام انهن کا حساب گهريو آهي ته اهي اهڙيون ڳالهيون ڪن پيا،  هن چيو ته سنڌ جي عوام کي وڙهائڻ لاءِ ايم ڪيو ايم وارا اهڙي سياست ڪن پيا، هن چيو ته گذريل اليڪشن  ۾ ايم ڪيو ايم کي بري طرح شڪست ملي جيڪڏهن انهن پنهنجي سياست جو طريقو تبديل نه ڪيو ته ايندڙ اليڪشن ۾ انهن کي وڌيڪ نقصان ٿيندو، هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي مشورو ڏيان ٿو ته اهي پ پ ۽ سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪم ڪن، اهي پي ٽي آءِ جا اتحادي آهن اهو اتحاد ختم ڪري پ پ سان گڏجي عوام جي بهتري لاءِ ڪم ڪن،هن چيو ته هو پاڻ ڪراچي ۾ پيدا ٿيو، شهيد بينظير ڀٽو پڻ ڪراچي ۾  ڄائي هئي. هن ايم.ڪيو ايم وارن کي چيو ته اچو ته گڏجي لوڪل باڊيز ۽ ڪي ايم سي ۾ گڏجي ڪم ڪيون.3

ھي به ڏسو

اسلام ڪوٽ ڀرسان مٽي جي ڀڪ ڪرڻ سبب فوت ٿيل ٻن نياڻين جي تدفين

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:سجاول بجير) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڪونڀاريو ۾ هڪ ڏينهن اڳ مٽي کوٽڻ دوران …

بدين ويجهو ڪوچ ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪري پئي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 9 ڄڻا فوت، 45 زخمي

بدين/مٺي/اسلام ڪوٽ(نمائندن وٽان)بدين ويجھو خوفناڪ حادثو، عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙي سميت 9 ڄڻا فوت، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے