تازيون خبرون
مکيه صفحو / خاص خبر / وفاق ۾ نااهل حڪومت آهي، کين اها به خبر ناهي ته هو اقتدار ۾ ڪيئن آيا، هن وقت سنڌ کي تڪليفون ڏنيون پيون وڃن: وڏو وزير

وفاق ۾ نااهل حڪومت آهي، کين اها به خبر ناهي ته هو اقتدار ۾ ڪيئن آيا، هن وقت سنڌ کي تڪليفون ڏنيون پيون وڃن: وڏو وزير

سيوهڻ(رپورٽ:جاويد بهادر سولنگي)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته ٿر جي ڪوئلي مان بجلي پيدا ڪرڻ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جو خواب هو جنهن کي پيپلزپارٽي جي موجوده حڪومت ساڀيان ڏني آهي، ٿر ۽ سنڌ پوري پاڪستان لاءِ خوشحالي جو سبب بڻبو. پنهنجي والد سيد عبدالله شاهه جي ٻارهين ورسي جي موقعي تي آيل پيپلزپارٽي اڳواڻن توڙي عوام جو ٿورائتو آهيان. هن اهڙن خيالن جو اظهار سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي ٻارهين ورسي جي موقعي تي واهڙ ۾ جلسي کي خطاب دوران ڪيو. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته وفاق ۾ هن وقت نااهل حڪومت آهي جيڪا سنڌ جي ترقيءَ ۾ رڪاوٽون وجهي رهي آهي، مرڪزي حڪومت کي اها به خبر نه آهي ته اهي اقتدار ۾ ڪيئن آيا آهن، هن وقت سنڌ کي تڪليفون ڏنيون پيون وڃن ان جي باوجود به سنڌ حڪومت سنڌ  جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ اپاءُ وٺي رهي آهي. هن چيو ته مرڪز وارن کي حڪومت ڪرڻ اچي ئي نٿي جلد مرڪز ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي جي حڪومت قائم ڪنداسين ۽ نااهل وفاقي حڪومت مان عوام جي جان ڇڏرائينداسين. هن چيو ته پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 4 اپريل کان اڳ ٽرين ذريعي پنهنجي گهر لاڙڪاڻو ويو ته سنڌ جي ماڻهن چپي چپي تي سندس والهانه استقبال ڪيو جنهن مرڪز وارن جون ننڊون حرام ڪري ڇڏيون.تقريب کي خطاب ڪندي پيپلزپارٽي سنڌ جي صدر نثار کهوڙو چيو ته سنڌ جي اڳوڻي بهادر وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي بردباري ۽ دليري بي مثال آهي، سنڌ جي خلاف سازشن ۽ سنڌ ٽوڙڻ جي ڳالهه اڄ جي ناهي، ماضي ۾ به امن و امان خراب ڪري ٻورين ۾ بند لاش ڏيئي سنڌ کي ٽوڙڻ جي سازش ڪئي ويئي جنهن کي ناڪام بڻايو ويو، سازشون ڪندڙ اڄ به پنهنجي حرڪتن کان باز نٿا اچن، ايم ڪيو ايم جو مينڊيٽ طالبان خان چورايو پر هو اڄ سندس جهولي ۾ ويهي سنڌ جي خلاف ٻيهر سازشون ڪري رهيا آهن، عمران خان جا اتحادي سنڌ کي خراب اک سان ڏسي رهيا آهن، سنڌ ڏي اٿندڙ هر ميري اک کي ڪڍيو ويندو، وسيلن سان مالا مال سنڌ پوري ملڪ کي پالي پئي. صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه ورسي تقريب ۾ خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ نفرتون پکيڙندڙ ڏسي وٺن ته سنڌ ۾ اڄ اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جي فرزند سيد مراد علي شاهه جي حڪومت آهي جنهن اسان کي پنهنجي وطن سان محبت جو سبق سيکاريو. هن چيو ته سنڌ ماءُ آهي ۽ ماءُ جو ورهاڱو ممڪن نه آهي، ڪرائي جي قاتلن هڪ دفعو ٻيهر سنڌ کي ورهائڻ جي سازش ڪئي آهي ۽ انهن ۾ الطاف حسين جو روح موجود آهي، هو سازشون ڪري سنڌ جي اڙدو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن وچ ۾ نفرتون پکيڙي رهيا آهن پر انهن سازشن کي ناڪام بڻايو ويندو. تقريب کي ميمبر قومي اسيمبلي سردار سڪندر علي راهپوٽو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.تقريب ۾ سنڌ ڪابينه جي ميمبرن، ايم اين ايز، ايم پي ايز، پاڪستان پيپلزپارٽي جي مقامي اڳواڻن، علائقي جي معززين ۽ عوام وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ورسي تقريب جي آخر ۾ پير غلام محمد اشرفي خصوصي دعا ڪرائي.3

ھي به ڏسو

اقتصادي رابطا ڪميٽي رمضان المبارڪ لاءِ کاڌي پيتي جي شين جي خريداري جي هدايت ڪري ڇڏي

اسلام آباد (م ڊ) اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ غربت جي خاتمي، صحت، انصاف …

وزيراعظم عمران خان سان پرڏيهي سيڪريٽري تهمينه جنجوعا جي الوداعي ملاقات

اسلام آباد (م ڊ)  وزيراعظم عمران خان سان پرڏيهي سيڪريٽري تهمينا جنجوعا جي الوداعي ملاقات …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے