تازيون خبرون
مکيه صفحو / قومي خبرون / شريف خاندان ملڪ ۾ ڪرپشن جو بنياد رکيو ۽ آصف زرداري ان کي پاڻي ڏنو: فواد حسين چوڌري

شريف خاندان ملڪ ۾ ڪرپشن جو بنياد رکيو ۽ آصف زرداري ان کي پاڻي ڏنو: فواد حسين چوڌري

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌ سماءَ جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين شريف خاندان ۽ زرداري فيملي کي مهانگائي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته شريف خاندان ملڪ ۾ ڪرپشن جو بنياد رکيو ۽ آصف علي زرداري ان کي پاڻي ڏنو اسحاق ڊار جعلي اڪائونٽس ٺاهيا ۽ مني لانڊرنگ کي متعارف ڪرايو زرداري سنڌ ۾ جعلي اڪائونٽن جو نيٽ ورڪ ٺاهيو جاچ شروع ٿيڻ کانپوءِ شهباز شريف جي زال ٻارڙن سميت اوچتو ٻاهر هلي وئي. ٽي ٽي سان شهباز شريف ڊي ايڇ اي اسلام آباد، ماڊل ٽائون ۽ ڊي ايڇ اي لاهور ۾ اثاثا ٺاهيا لنڊن ۾ به پنهنجا ٻه گهر ظاهر ڪيا ڪرپشن جي خلاف جنگ سڄي قوم جو فرض آهي ڪنهن کان سياسي انتقام نه پيو ورتو وڃي شريف خاندان جي خلاف جاچ شفاف ٿي رهي آهي 1973 جو آئين هڪ گڏيل آئين آهي معيشت وانگر رياستي ادارن کي به ٺيڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي آچر تي هتي مملڪتي وزير حماد اظهر ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار شهزاد اڪبر سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چوڌري فواد حسين چيو ته 1947 کان 2008 تائين ملڪ جو قرض 37 ارب ڊالرز هو هن چيو ته گذريل 10 سالن ۾ پاڪستان جو قرض 60 ارب ڊالرز وڌي ويو. هن چيو ته 1992 ۾ اڪنامڪ ريفارمز ايڪٽ آندو ويو ايڪٽ ۾ سرمائي جا ذريعا ڳجها رکڻ جي شق شامل ڪئي وئي.  هن چيو ته حديبيه پيپرز ملز جي حوالي سان اهم انڪشاف ٿيا. هن چيو ته اسحاق ڊار ملڪ ۾ مني لانڊرنگ متعارف ڪرائي هن چيو ته جعلي اڪائونٽس ذريعي پيسا ملڪ کان ٻاهر موڪليا ويا. هن چيو ته اسحاق ڊار 2000 ۾ پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو هو. هن چيو ته مشرف دور ۾ نواز شريف کي اين آر او ڏنو ويو ۽ جاچ اڳتي وڌي نه سگهي. هن چيو ته حديبيه پيپر ملز ڪيس جي فيصلي کي ڪرپشن لڪائڻ لاءِ رول ماڊل طور ورتو ويو. هن چيو ته اسحاق ڊار مني لانڊرنگ لاءِ جعلي اڪائونٽس ٺهرايا هن چيو ته حديبيه وانگر هل ميٽلز کي به مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪيو ويو. هن چيو ته حديبيه پيپرز ملز جي ذريعي 81 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪئي وئي. هن چيو ته بلاول ۽ ايان علي جي ٽڪيٽ ۽ بختاور جي سالگرهه جو خرچ به جعلي اڪائونٽن مان ٽرانزيڪشن ٿيندڙ رقم سان ڪيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته زرداري سنڌ ۾ جعلي اڪائونٽن جو نيٽ ورڪ ٺاهيو مالهي، ڊرائيورز ۽ گارڊز جا نالا جعلي اڪائونٽن لاءِ استعمال ڪيا ويا. هن چيو ته ايف آءِ اي 5 هزار ۾ 32 اڪائونٽ جي سڃاڻپ ڪئي هن چيو ته زرداري جي ٻارڙن ۽ بلاول هائوس جا خرچ به جعلي اڪائونٽس مان پورا ڪيا ويا. هن چيو ته 2018 ۾ شهباز شريف جي خلاف ڪمائي کان وڌيڪ ملڪيت رکڻ جي جاچ شروع ٿي جنهن سبب شهباز شريف جي زال ٻارڙن سميت اوچتو ٻاهر هلي وئي. سڌ سماءَ جي وفاقي وزير فواد چوڌري عليم خان جي حق ۾ پنهنجي بيانن تي نيب پاران نوٽيس وٺڻ تي سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته نيب اجاين بيانن بدران ڪم تي ڌيان ڏئي تفصيل موجب گذريل ڏينجهن نيب عليم خان جي حق ۾ بيان تي پنهنجي پريس رليز ۾ فواد چوڌري خلاف امڪاني ڪارروائي جو اشارو ڏنو هو نيب جي پريس رليز کي شاهڪار چوندي فواد چوڌري نيب جي رويي کي صلاحيت جي سنجيده بحران جو نتيجو قرار ڏئي ڇڏيو فواد چوڌري سوال اٿاريو ته نيب کي اها به خبر ناهي ته ضمانت ڏيڻ ان جو اختيار ناهي ته پوءِ مداخلت ڪيئن ٿي. اجاين بيانن بدران ڪم تي ڌيان ڏئي ان کان اڳ فواد چوڌري پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکيو هو ته عليم خان کي سزا رڳو مخالف ڌر جي گوڙ جي ڪري ڏني پئي وڃي معاملي تي نيب پاران جاري ڪيل پريس رليز ۾ واضح ڪيو ويو ته ڏٺو ويندو ته عليم خان ۽ نيب جا ٻيا ڪيس ۽ جاچ بابت فواد چوڌري جا بيان ڪٿي نيب معاملن ۽ جاچ تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش يا نيب آرڊيننس جي ڀڃڪڙي ته ناهن جيڪڏهن ائين ڪجهه ثابت ٿيو ته نيب فواد چوڌري خلاف قانوني ڪارروائي ڪري سگهي ٿي.02

ھي به ڏسو

سيد صدر الدين شاهه راشدي سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل جي ملاقات

ڪراچي( بيورو رپورٽ)پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاهه راشدي سان سنڌ …

شارٽ ڪٽ سان امير ٿيڻ وارن کي خبر هئڻ گهرجي ته ڪفن کي کيسا ناهن هوندا: نيب چيئرمين

لاهور(م ڊ) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال جو چوڻ آهي ته شارٽ ڪٽ سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے