تازيون خبرون
مکيه صفحو / سنڌ سماچار / نوابشاهه ۾ نوجوان پورهيت نامعلوم ماڻهن هٿان ڏنڊا هڻي قتل

نوابشاهه ۾ نوجوان پورهيت نامعلوم ماڻهن هٿان ڏنڊا هڻي قتل

نوابشاهه(ڊ-ر)پُراڻي نوابشاهه ۾ نوجوان پورهيت کي نامعلوم ماڻهن ڏنڊا هڻي قتل ڪري ڇڏيو. لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي گهر ۾ ڪھُرام.پُراڻي نوابشاهه جي علائقي مجاهد ڪالوني ۾ 24 ورهين جي ثناءُ الله بروهي کي نامعلوم ماڻهن مبينه سريا ۽ ڏنڊا هڻي قتل ڪري ڇڏيو، سندس لاش پي ايم يو اسپتال نوابشاهه جي مارچري ۾ پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو جڏهن ته مقتول جي پيءُ فتح علي بروهي ٻڌايو ته 8 ڏينهن اڳ منهنجي ننڍي پُٽ ولي داد کي فيصل بروهي تشدد جو نشانو بڻايو. اهڙي اين سي بي سيڪشن ٿاڻي تي داخل آهي ليڪن فيصل بروهي پوليس جو مُخبر هجڻ ڪري گرفتار نه ڪيو ويو جنهن بعد اسان ايس پي شهيد بينظير آباد وٽ وياسين ليڪن هُن خلاف ڪا به ڪارروائي نه ٿي. هن چيو ته گذريل رات منهنجي وڏي پُٽ ثناءُ الله کي قتل ڪري سندس لاش اسان جي گهر ڀرسان زير تعمير بلڊنگ ۾ ڦٽو ڪري ويا، صبح جو اسان کي خبر پئي، پوءِ پوليس کي اطلاع ڏنو  آهي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل ٿي نه سگهيو آهي نه ئي جوابدارن جي گرفتاري ٿي سگهي آهي.3

ھي به ڏسو

اسلام ڪوٽ ڀرسان مٽي جي ڀڪ ڪرڻ سبب فوت ٿيل ٻن نياڻين جي تدفين

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:سجاول بجير) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڪونڀاريو ۾ هڪ ڏينهن اڳ مٽي کوٽڻ دوران …

بدين ويجهو ڪوچ ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪري پئي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 9 ڄڻا فوت، 45 زخمي

بدين/مٺي/اسلام ڪوٽ(نمائندن وٽان)بدين ويجھو خوفناڪ حادثو، عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙي سميت 9 ڄڻا فوت، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے