تازيون خبرون
مکيه صفحو / سنڌ سماچار / ڪوٽڏيجي پوليس نوجوان جي قتل ۾ ملوث زال مڙس کي گرفتار ڪري ورتو

ڪوٽڏيجي پوليس نوجوان جي قتل ۾ ملوث زال مڙس کي گرفتار ڪري ورتو

ڪنب(ن-م)ڪوٽڏيجي ڀرسان پهاڙي علائقي ۾ هڪ مهينو اڳ قتل ڪيل ڪنب جي رهواسي ٽيڪسي ڊرائيور نادر راڄپر جا قاتل غلام شبير جٽ ۽ سندس گهر واري روبينا جٽ کي پنجاب مان گرفتار ڪري ورتو، ان سلسلي ۾ پوليس ذريعن مان مليل ڄاڻ موجب ايس ايس پي خيرپور عمر طفيل خان پاران ٽيڪسي ڊرائيور نادر راڄپر کي قتل ڪندڙ قاتلن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ اي ايس پي خيرپور ڊاڪٽر محمد عمران خان جي اڳواڻي ۾ هڪ ٽيم جوڙي، خيرپور پوليس  پنجاب جي شهرن لاهور ۽ فيصل آباد ۾ ڪامياب ڇاپا هڻي ٽيڪسي ڊرائيور نادر راڄپر کي قتل ڪندڙ غلام شبير جٽ ۽ روبينا جٽ کي گرفتار ڪري ورتو، مليل ڄاڻ موجب ٽيڪسي ڊرائيور نادر راڄپر کي قتل ڪرڻ بعد قاتل فرار ٿي پنجاب هليا ويا هئا، جن کي جديد ٽيڪنالوجي ذريعي اي ايس پي خيرپور ڊاڪٽر محمد عمران خان جي اڳواڻي ۾ ٽيم جوڙي گرفتار ڪيو ويو آهي، هوڏانهن گرفتار ٿيل غلام شبير جٽ ۽ سندس گهر واري روبينا جٽ ميڊيا آڏو اعتراف ڪيو ته ٽيڪسي ڊرائيور نادر علي راڄپر کي اسان قتل ڪيو، گرفتار جوابدار غلام شبير جٽ اهو پڻ اعتراف ڪيو ته مان ۽ منهنجي گهر واري گڏجي نادر راڄپر کي قتل ڪيو هو، پسٽل جو فائر مان خد ڪيو، گرفتار جوابدار غلام شبير جٽ جون ميڊيا کي بيان، هوڏانهن هڪ مهينو اڳ ڪوٽڏيجي جي پهاڙي علائقي ۾ ٽيڪسي ڊرائيور نادر راڄپر کي قتل ڪرڻ بعد نامعلوم قاتل لاش ٽيڪسي ۾ ڇڏي فرار ٿي ويا هئا، قاتلن کي خيرپور پوليس پاران جديد ٽيڪنالوجي ذريعي گرفتار ڪرڻ تي ڪوٽڏيجي جي سياسي سماجي مذهبي اڳواڻن ۽ باشعور شهرين پاران ايس ايڇ او ڪوٽڏجي کي قاتل گرفتار ڪرڻ تي مبارڪون ڏنيون ويون، جڏهن تي خيرپور پوليس جي بهترين ڪارڪردگي کي ساراهيو ويو.7

ھي به ڏسو

اسلام ڪوٽ ڀرسان مٽي جي ڀڪ ڪرڻ سبب فوت ٿيل ٻن نياڻين جي تدفين

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:سجاول بجير) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڪونڀاريو ۾ هڪ ڏينهن اڳ مٽي کوٽڻ دوران …

بدين ويجهو ڪوچ ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪري پئي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 9 ڄڻا فوت، 45 زخمي

بدين/مٺي/اسلام ڪوٽ(نمائندن وٽان)بدين ويجھو خوفناڪ حادثو، عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙي سميت 9 ڄڻا فوت، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے