تازيون خبرون
مکيه صفحو / سنڌ سماچار / موجوده حڪومت عوام کي مهانگائي کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو: انيس قائمخاني

موجوده حڪومت عوام کي مهانگائي کانسواءِ ڪجهه به ناهي ڏنو: انيس قائمخاني

ڪوٽڏيجي(رپورٽ:بشير احمد ڪانڌڙو) ڪوٽڏيجي مٺڙي ۾ سکر ڊويزن جي اڳواڻ غلام شبير رڏ جي هائوس تي پاڪ سر زمين جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گڏجاڻي ٿي گذري، جنهن ۾ پاڪ سر زمين جي صدر انيس قائمخاني  وائيس چيئرمين اشفاق احمد منگي صوبائي شبير قائمخاني عسڪري ڀائي ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي پاڪ سر زمين پارٽي جي صدر انيس قائمخاني چيو ته پاڪ سرزمين پارٽي جو پيغام کڻي اندروني سنڌ ۾ آيا آھيون پاڪ سرزمين پارٽي عوام جي ڏک سک کان واقف آهي مصطفيٰ ڪمال جي قيادت ۾ پارٽي پوري ملڪ ۾ ڪامياب ٿيندي پئي اچي، وائيس چيئرمين اشفاق احمد منگي چيو ته پاڪ سرزمين پارٽي پاڪستان جي عوام جي پارٽي آهي پاڪستان جو عوام پڻ پاڪ سرزمين پارٽي ۾ شموليت ڪرڻ لاءِ تيار آهي عوام جي طاقت سان مصطفيٰ ڪمال سنڌ جو وزير اعليٰ ٿيندو. ٻئي طرف اڳواڻي صوبائي وزير ۽ پاڪ سرزمين پارٽي جو صوبائي صدر شبير قائمخاني چيو ته موجوده حڪومت عوام کي مهانگائي کان سواءِ ڪجهه به نه ڏنو تعليم صحت تي ڪو به ڌيان نٿو ڏنو وڃي، دوائون پڻ مهانگيون ٿي ويون آهن غريب مريض دوائون به نه ٿا وٺي سگهن پاڪ سرزمين پارٽي اقتدار ۾ اچي ڪري غريب عوام کي رليف ڏيندي ۽ عوام کي به گهرجي ته هو به مصطفيٰ ڪمال جو ساٿ ڏين ۽ هنن لٽيرن کان پنهنجي جان ڇڏائين ته جيئن ملڪ ۾  خوشحالي ۽ ترقي اچي تقريب ۾ ايڊووڪيٽ حبدار علي رڏ، محمد نواز رڏ، سکيو خان سنجراڻي، علي بخش بلوچ، رضا رڏ فقير هوت خان رڏ، محمد خان جاگيراڻي، حاجي محروم رڏ سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي.3

ھي به ڏسو

اسلام ڪوٽ ڀرسان مٽي جي ڀڪ ڪرڻ سبب فوت ٿيل ٻن نياڻين جي تدفين

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:سجاول بجير) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڪونڀاريو ۾ هڪ ڏينهن اڳ مٽي کوٽڻ دوران …

بدين ويجهو ڪوچ ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪري پئي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 9 ڄڻا فوت، 45 زخمي

بدين/مٺي/اسلام ڪوٽ(نمائندن وٽان)بدين ويجھو خوفناڪ حادثو، عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙي سميت 9 ڄڻا فوت، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے