تازيون خبرون
مکيه صفحو / سنڌ سماچار / اسلام قبول ڪندڙ 2 ڀينرون ڏهرڪي پهتيون، پنهنجن مڙسن سان گڏ رهڻ جو اعلان

اسلام قبول ڪندڙ 2 ڀينرون ڏهرڪي پهتيون، پنهنجن مڙسن سان گڏ رهڻ جو اعلان

ميرپورماٿيلو/گهوٽڪي/ڏهرڪي (نمائندن وٽان) ڏهرڪي واسي نارين ڏهرڪي پهچڻ بعد چيو آهي ته هو والدين ڏانهن واپس نه وينديون ۽ پنهنجن مڙسن سان گڏ رهنديون، اسلام آباد ۾ والده ساڻن ملاقات ڪئي ۽ گهر هلڻ لاءِ چيو، جنهن تي هُنن جواب ڏنو ته هاڻ هو واپس گهر نه وينديون ۽ مڙسن سان گڏ رهنديون. گهوٽڪي پهچڻ بعد ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي رينا ۽ روينا (آسيه ۽ ناديا) چيو ته هو مرضيءَ سان مسلمان ٿيون آهن ۽ شاديءَ به مرضي سان ڪئي آهي، هاڻ هو والدين جي گهر وڃڻ بدران مڙسن سان گڏ رهڻ گهرن ٿيون. هنن چيو ته نوجوان صفدر ۽ برڪت علي سان هُنن رضا خوشيءَ سان شادي ڪئي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ نارين چيو ته اسلام آباد ۾ هوءَ والده سان مليون هيون، والد سان سندن ملاقات نه ٿي هئي، روينا (آسيا) جو چوڻ هو ته هُن پنهنجي مڙس صفدر علي سان خوش رهندي، جڏهن ته رينا (ناديا) پنهنجو نالو شازيا ٻڌايو چيو ته هُن نوجوان برڪت سان شادي ڪئي آهي ۽ ساڻس گڏ رهڻ گهري ٿي، نارين جي مڙسن برڪت ۽ صفدر علي ميڊيا  سان ڳالهيندي چيو ته ٻئي ڀيڻيون ڊگهي عرصي تائين کين چونديون رهيون ته هو مسلمان ٿيڻ گهرن ٿيون ۽ ساڻن شادي ڪرڻ چاهين ٿيون، هنن چيو ته هو پاڻ ۾ پاڙيسري آهن ۽ سندن گهر ۾ اچ وڃ هوندي هئي، نارين گهران نڪري کين فون تي ٻڌايو ۽ پوءِ هو پنجاب هليا ويا، جتي سندن نڪاح ٿيو، هڪ سوال جي جواب ۾ ٻنهي نوجوانن چيو ته هو سندن پهرين به شاديون ٿيل آهن، هاڻ هو رينا ۽ روينا (آسيا ۽ ناديا) کي پنهنجي پهرين زالن سان گڏ رهائيندا.02

 

ھي به ڏسو

اسلام ڪوٽ ڀرسان مٽي جي ڀڪ ڪرڻ سبب فوت ٿيل ٻن نياڻين جي تدفين

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:سجاول بجير) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڪونڀاريو ۾ هڪ ڏينهن اڳ مٽي کوٽڻ دوران …

بدين ويجهو ڪوچ ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪري پئي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 9 ڄڻا فوت، 45 زخمي

بدين/مٺي/اسلام ڪوٽ(نمائندن وٽان)بدين ويجھو خوفناڪ حادثو، عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙي سميت 9 ڄڻا فوت، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے