بريڪنگ نيوزسنڌ

عالمي واپار جو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو بحري ٽريفڪ جي ذريعي آهي

ڪراچي (بيورو) اڄ جي گلوبلائيزڊ دنيا ۾ سمنڊ ان جي وسيلن ۽ ماحول تي ٻڌل انساني انحصار ڪيترائي ڀيرا وڌي ويو آهي. بحري سرگرمين ۾ اهڙي طرح جو اضافو سامونڊي ماحول جي لاءِ خطرو آهي. عالمي واپار جو 90 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو بحري ٽريفڪ جي ذريعي آهي جيڪو گرائونڊنگ، يا پورٽ آپريشنز جي دوران تيل يا ڪيميائي پهچ جي ذريعي سامونڊي آلودگي جي لاءِ مستقل خطرو آهي اهڙي طرح جي آلودگي کان هر وقت ۽ موثر ڪنٽرول جي لاءِ سمورن شرڪت ڪندڙ ادارن جي وچ ۾ هم آهنگي کان علاوه بچاءُ جي طريقن جي باقاعدگي سان مشق جي ضرورت آهي. اهڙي ريت انٽرنيشنل ميري ٽائيم آرگنائيزيشن جي سرچ اينڊ ريسيڪو سيٽ اپ جي مقامي ذميوار هجڻ جي ناتي پاڪستان کي ميري ٽائيم سروسز کي اهڙي حالتن ۾ جتي انساني جان ۽ مال کي خطرو لاحق آهي سخت ۽ پائيدار رد عمل جي ضرورت آهي.  ان سلسلي ۾ پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي پنهنجي بار اڪواڊا مشق جي ٻارهين سيريز جو انعقاد ڪري رهي آهي جيڪو 2 کان 4 جنوري تائين جاري رهندو. پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي خطي ۾ ميري ٽائيم سيڪيورٽي جي تحفظ جي لاءِ قومي ۽ بين الاقوامي سطح تي مسلسل اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ هي مشق 2007 کان پوءِ سي پي ايم ايس اي جو هڪ اهم جز بڻجي وئي آهي. سمنڊ ۾ تيل جي رساءُ کي گهٽ ڪرڻ ۽ ان تي قابو آڻڻ جي سخت ضرورت آهي. 2003 ۾ ڪراچي ۾ ايم وي تسمان اسپرٽ جي واقعي کان پوءِ اها ڳالهه واضع ٿي. هن سال جيئن ته اسان مارپول ڪنوينشن جي 50هين سالگرهه ملهائي رهيا آهيون جنهن جي ٿهيم 50هين سال تي اسان جو عزم جاري آهي هڪ مضبوط ريگيوليٽري فريم ورڪ جي ذريعي سامونڊي ماحول جي تحفظ جي لاءِ IMO  جي مستقل لگن جي عڪاسي ڪري ٿو. سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي وچ ۾ اجتماعي ذميواري کي واڌ ڏيڻ جي سخت ضرورت آهي. پاڪستان ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي ميري ٽائيم سيڪٽر ۾ هڪ اهم ايجنسي هجڻ جي ناتي ميري ٽائيم سيڪورٽي يقيني بنائڻ ۽ ماحولياتي مينڊيٽ کي برقرار رکڻ جي لاءِ پنهنجي لگن ۾ پر عزم آهي.  افتتاحي اجلاس ۾ تمام قومي اسٽيڪ هولڊرز ۽ بين الاقوامي شر ڪندڙ مبصرين جو خير مقدم ڪريان ٿو ۽ مشق جي گڏيل طور تي فائديمند هجڻ جي اميد ڪريان ٿو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button