تازيون خبرون
مکيه صفحو / سنڌ سماچار / وفاقي سرڪار سنڌ جا پئسا ڦٻائي وئي آهي، عوام جو حق وٺي پوءِ خاموش ٿينداسين: بلاول ڀٽو

وفاقي سرڪار سنڌ جا پئسا ڦٻائي وئي آهي، عوام جو حق وٺي پوءِ خاموش ٿينداسين: بلاول ڀٽو

ميرپورماٿيلو/خانپور مهر(رپورٽ: طفيل رند/مير منٺار چنا)پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري شداڻي درٻار حياتي پتافي ۾ پهتو ته ھندو ڪميونٽي ۽ پ پ پ ڪارڪنن طرفان سندس شاندار آجيان ڪئي وئي، بلاول ڀٽو کي ٽوپي ۽ اجرڪ پارايا ويا، جڏهن ته شداڻي درٻار طرفان کيس تحفا به ڏنا ويا، ان نظر انداز ڪرڻ بابت شڪايت ڪرڻ تي بلاول ڀٽو زرداري پاران اقليتي اڳواڻ ۽ اڳوڻي سکر مينارٽر ونگ جي ڊويزنل صدر ڪامريڊ ڪڪو رام کي ڌڪا ڏنا ۽ اجرڪ واپس ڪري ڇڏي ۽ بداخلاقي ڪئي، جيڪا ويڊيو سوشل ميڊيا تي تمام گھڻي وائرل ٿي ۽ ماڻھن بلاول جي اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، ان دوران ڪارڪنن جي ميڙ کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪامياب جلسو ڪرائڻ تي گهوٽڪي واسين جو ٿورائتو آهيان، حيات پتافي شهر جي پيڪيج لاءِ وڏي وزير کي چوندس ۽ حيات پتافي کي پڻ ٽائون جو درجو ڏنو ويندو، جڏهن ته ڊگري ڪاليج ۽ اسپتال سوڌو حيات پتافي کي ٻيون سهولتون مهيا ڪيون وينديون، ان حوالي سان به خصوصي پيڪيج لاءِ وڏي وزير کي چوندس، پ پ چيئرمين چيو ته اسان برابري جي بنياد تي ڪم ڪري رهيا آهيون، هندو هجن يا مسلمان سڀ گڏجي ملڪ جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ جي ٽيڪس جا ڏنل پئسا وفاق کائي ويو آهي، پيپلز پارٽي عوام جو حق وٺي رهندي، اُن کان اڳ بلاول ڀٽو زرداري جي شداڻي درٻار تي آمد دوران صوبائي وزير باري پتافي، بابر خان لنڊ ۽ ڄام مهتاب ڏهر سوڌو ٻيا اڳواڻ پهتل هئا، جڏهن ته بلاول ڀٽو جي آمد کان اڳ شهر بند ڪرائي رستا خالي ڪرايا ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي جا به غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري حيات پتافي جي دوري تي پهتو ته سندس آمد جو ٻڌي نارين جا والدين به اُتي پهچي ويا، بلاول ڀٽو زرداري سان نارين جي والده عجٻي ٻائي، والد هري لال ۽ ڀاءُ شمن ميگهواڙ ملاقات ڪئي، ان سلسلي ۾ شمن ميگهواڙ جو چوڻ آهي ته هن بلاول ڀٽو زرداري کي ساڻن ٿيندڙ ظلم جي حوالي سان ٻڌايو ۽ مدد جي اپيل ڪئي، هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري دلاسو ڏنو آهي ته ڀيڻين جي واپسي لاءِ ڪردار ادا ڪندو.7

ھي به ڏسو

اسلام ڪوٽ ڀرسان مٽي جي ڀڪ ڪرڻ سبب فوت ٿيل ٻن نياڻين جي تدفين

اسلام ڪوٽ(رپورٽ:سجاول بجير) اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ ڪونڀاريو ۾ هڪ ڏينهن اڳ مٽي کوٽڻ دوران …

بدين ويجهو ڪوچ ڪلٽي ٿي کاهي ۾ ڪري پئي، عورتن ۽ ٻارڙن سميت 9 ڄڻا فوت، 45 زخمي

بدين/مٺي/اسلام ڪوٽ(نمائندن وٽان)بدين ويجھو خوفناڪ حادثو، عورتن، مردن ۽ معصوم ٻارڙي سميت 9 ڄڻا فوت، …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے