بريڪنگ نيوزسنڌ

هالا ۾ پاڪ فوج جي حمايت ۾ استحڪام پاڪستان ريلي ڪڍي وئي

هالا (ن م) پاڪستان ايڪس سروس سوسائٽي ۽ سول سوسائٽيء پاران پاڪ فوج جي حمايت ۾ استحڪام پاڪستان ريلي ڪڍي وئي استحڪام پاڪستان ريلي درگاھ سرور نوح کان پاڪستان ايڪس سروس سوسائٽي اڳواڻن جنرل سيڪريٽري جمن ڪاڪا ، جوائنٽ سيڪريٽري سيد شاهد علي شاھ ڪوآرڊينيٽر محمد ابراهيم فراش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب هالا تائين ڪڍي وئي هالا پريس ڪلب آڏو ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪ فوج جي لازوال قربانين سبب اڄ پاڪستان ۾ دهشتگردن جو خاتمو ٿيو آهي هنن چيو ته ملڪ جي بارڊر تي ڊيوٽي سرانجام ڏيندڙ پاڪ فوج جي جوانن کي سرخ سلام پيش ڪريون ٿا  اڄ پاڪستاني فوج جي قيادت سبب اسين پنهنجي ملڪ ۾ پرسڪون شهري جي حيثيت سان زندگي گذاري رهيا آهيون هنن وڌيڪ چيو ته پاڪ فوج جي شهيد ٿيل نوجوانن جي قربانين جي ڪري اڄ دنيا ۾ پاڪ فوج دنيا لاء عظيم مثال بنيل آهي ريلي ۾ پاڪستان ايڪس سروس سوسائٽي کان علاوه سول سوسائٽي جي اڳواڻن علي نواز رند ، نصير انصاري ، ممتاز شيخ ، حاڪم ڀچو ، صديق ساريو ۽ ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پاڪ فوج جي حمايت ۾ نعريبازي ڪئي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button