بريڪنگ نيوزقومي

پي ٽي آءِ پاران بيٽ جو نشان واپس وٺڻ واري فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان

لاهور ( م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف پشاور هاءِ ڪورٽ جي چونڊ نشان بيٽ واپس وٺڻ واري فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پشاور هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ انٽرا پارٽي اليڪشن ۽ چونڊ نشان ڪيس تي اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بحال ڪندي اسٽي آرڊر واپس وٺي ڇڏيو. فيصلي کانپوءِ پي ٽي آءِ اڳواڻ بيئرسٽر گوهر خان اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خبر آئي آهي ته پشاور هاءِ ڪورٽ بيٽ واري نشان بابت فيصلو واپس وٺي ڇڏيو آهي. بئرسٽر گوهر چيو ته پي ٽي آءِ کان بيٽ واپس وٺڻ غيرقانوني آهي، اهڙين چونڊن کي دنيا قبول نه ڪندي، 859 سيٽن تي ٿيندڙ عام چونڊ تڪراري رهندي، اِهو فيصلو جلدبازي ۾ ڪيو ويو. هن چيو ته بيٽ جو نشان واپس وٺڻ واري فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ وينداسين، اسان کي بيٽ جو نشان نه ڏنو ويو ته اِها جهموريت جي هار آهي ۽ عوام قبول نه ڪندو.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button