بريڪنگ نيوزسنڌ

مقصودو رند ڀرسان موٽر سائيڪل ۽ ڪار ۾ ٽڪر، هڪ فوت، هڪ زخمي

شاهپورچاڪر/ مقصودورند (نمائندن وٽان) مقصودورند ويجهو روڊ حادثي، هڪ فوت ۽ هڪ زخمي، مقصودورند ويجهو ملان حرمت اسٽاپ تي موٽر سائيڪل ۽ ڪار ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو. جنهن جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار 55 سالن جو دريا خان منگي فوت ٿي ويو ۽ پرويز منگي سخت زخمي ٿي پيو. شاهپورچاڪر ٿاڻي جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي فوتي جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ۽ زخمي پرويز منگي کي سمس اسپتال نيو ويو جتان فرسٽ ايڊ بعد کيس نوابشاهه اسپتال منتقل ڪيو ويو. جڏهن ته زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. سندس جنازي نماز ڳوٺ غلام ڪيريو ۾ پڙهائي وئي. جنازي نماز ۾ مٽن مائٽن سميت زندگيءَ جي مختلف طبقن سان واسطو رکندڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. سندس جسم خاڪيءَ کي ڳوٺ لڳ آبائي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. هوڏانهن ڳوٺ غلام ڪيريو ۾ مرحوم دريا خان منگي جو تڏو وڇايو ويو آهي. جتي سندس پٽن ۽ ٻين عزيزن سان تعزيتي سلسلو جاري آهي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button