بريڪنگ نيوزسنڌ

ٽنڊو باگو ڀرسان وين ۽ موٽرسائيڪل ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

ٽنڊوباگو (يوسف ملاح) ٽنڊوباگو نندو بائي پاس لڳ وين جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽرسائيڪل تي سوار ھڪ ئي ڳوٺ جا ٻه ڄڻا  ٿڏي ٿي فوت، ٽنڊوباگو لڳ ڳوٺ ڪارو ملاح جا رھواسي ٻه ڄڻا علي احمد ملاح پٽ مريد ملاح  ۽ جمعو ملاح پٽ قاسم ملاح طور سڃاڻپ ٿي آھي جيڪي نندو شھر کان ڳوٺ ڪارو ملاح طرف وڃي رھيا ھئا ته سامھون ايندڙ تيز رفتار وين  موٽرسائيڪل سوارن کي ڌڪ ھڻي شديد زخمي  ڪيو جيڪي ٻئي ماڻھو ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، ٻنھي جا لاش تعلقا اسپتال ٽنڊوباگو ۾ پوسٽ مارٽم لاءِ آندا  ويا، کوسڪي پوليس موجب لاش اسان جي حد ھجڻ ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ شفٽ ڪرايا اٿو باقي فوتين جا وارث پھچندا ته پوءِ قانوني ڪارروائي شروع ڪبي، فوتين جا لاش تعلقا اسپتال ٽنڊوباگو ۾ منتقل ڪرڻ بعد پوسٽ مارٽم لاءِ ڊاڪٽرن کي پڻ طلب ڪيو ويو.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button