بريڪنگ نيوزقومي

آرمي چيف جو بحرين جودورو، اهم ملاقاتون ۽ ٻه طرفو معاملن تي ڳالهيون

راولپنڊي (اين اين آءِ)آرمي چيف سيد عاصم منير بحرين جي 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري  دوران بحرين جي بادشاهه حمدبن  عيسيٰ الخليفا ۽ ولي عهد سان ملاقات ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جي بحرين ڊفينس فورسز جي ڪمانڊر فيلڊ مارشل خليفا بن احمد ال خليفا سان به ملاقات ڪئي آرمي چيف جي بحرين نيشنل گارڊ جي ڪمانڊر جي ايڇ ايڇ جنرل سيخ محمد بن عيسيٰ الخليفا سان به ملاقات ٿي. انهن ملاقاتن ۾ ٻه طرفو فوجي ۽ سيڪيورٽي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. آرمي چيف بحرين نيشنل گارڊ جي 27 يوم تاسيس جو خاص مهمان به هو. آرمي چيف جو نيشل گارڊ يوم تاسيس جي تقريب ۾ شاندار استقبال ڪيو ويو. آرمي چيف  جنرل عاصم  منير کي گارڊ آف آرنر ڏنو ويو. ڪمانڊر بحرين نيشنل گارڊ بحرين نيشنل گارڊ کي ملٽري ۽ دهشتگردي ٽوڙ جي شعبن ۾ تربيت فراهم ڪرڻ تي پاڪ فوج جو شڪريو ادا ڪيو. آرمي چيف کي ٻنهي برادر ملڪ وچ م ٻه طرفو لاڳاپا وڌائڻ ۾ اهم ڪوششن ۽ سهڪار جي اعتراف ۾ ملٽري ميدل ڏنو ويو.1

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button