تازيون خبرون
مکيه صفحو / سنڌ سماچار / وزيراعظم عمران خان جي سعودي بادشاهه سلمان سان ملاقات

وزيراعظم عمران خان جي سعودي بادشاهه سلمان سان ملاقات

رياض ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان سعودي عرب جي بادشاهه شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن، علائقي ۽ عالمي سياسي صورتحال تي ڳالهيون ڪيون. اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ ۽ وڌائڻ لاءِ پنهنجي خواهش جو اظهار ڪيو. گڏيل دلچسپي جي معاملن، واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ويون. سعودي بادشاهه ۽ وزيراعظم جي ملاقات ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، ناڻي واري وزير اسد عمر، سڌ سماءَ واري وزير فواد چوڌري، عبدالرزاق دائود، هارون شريف ۽ سعودي عرب جي پاڪستان ۾ سفير خان هشام بن صديق به شرڪت ڪئي.

ھي به ڏسو

ڀٽ شاهه قومي شاهراهه تي ٽرالر جو ٽريڪٽر کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، 2 ڄڻا زخمي

ڀٽ شاهه (ن_خ)ڀٽ شاهه ڀرسان قومي شاهراهه تي ٽرالر جو ٽريڪٽر کي ٽڪر، هڪ ڄڻو …

ڪوبه ملڪ غريب ناهي هوندو، ان کي ڪرپشن غريب ڪندي آهي، اسلام فوبيا مسلمانن کي نقصان پهچايو: عمران خان

اسلام آباد (اين اين آءِ) ملائيشيا جي وزيراعظم مهاتير محمد چيو آهي ته بدعنواني جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے