تازيون خبرون
مکيه صفحو / Uncategorized / هاڻي ڪالاباغ ڊيم جو نالو کڻندڙ تي آرٽيڪل 6 لاڳو ڪرڻ گهرجي

هاڻي ڪالاباغ ڊيم جو نالو کڻندڙ تي آرٽيڪل 6 لاڳو ڪرڻ گهرجي

سپريم ڪورٽ جي ميزباني ۾ ٿيندڙ واٽر پاليسي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ پاڻي جي عالمي ماهرن ڪالاغ ڊيم کي رد ڪندي چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم ڪنهن به صورت ۾ نٿو ٺهي سگهي، باقي پاڪستان کي ٻين ذخيرن جي تعمير جون ڪوششون ڪرڻ گهرجن، پاڻي جي عالمي ماهر گريڪ مورس ڪوٽڙيءَ کان هيٺ ڊيم ٺاهڻ جي تجويز ڏيندي چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم ۾ جلد مٽي ۽ واري ڀرجڻ جي ڪري اهو ڊيم ناقابل عمل آهي ۽ ان سان سنڌو درياءُ جي وهڪري تي وڏو اثر پوندو، جڏهن ته هڪ ٻئي عالمي ماهر ڊولنڊ بليڪ مور چيو ته پاڪستان کي پاڻي جي انتظامن کي بهتر ڪرڻو پوندو. منهنجي خيال ۾ پاڻيِءَ بابت ٿيندڙ واٽر پاليسي ڪانفرنس ۾ عالمي ماهرن پاران ڏنل تجويزن کان پوءِ هاڻي انهي معاملي تي به پابندي هجڻ گهرجي ته جيڪو ڪالاباغ ڊيم ۽ ٻين ڊيمن جي ڳالهه ڪري انهيءَ مٿان آرٽيڪل 6 تحت ڪاروائي ڪئي وڃي ڇو جو ڪالاباغ ڊيم کي ملڪ جون جتي ٽي اسيمبليون اڪثريت سان رد ڪري چڪيون آهن اتي پاڻي جي عالمي ماهرن به اها راءِ ڏني آهي ته ڪالاباغ ڊيم ملڪ لاءِ تمام گهڻو نقصان ڪار آهي.

هڪ عالمي ماهر جي اها راءِ به تمام جاندار هئي جنهن ۾ هنن واٽر پاليسي ڪانفرنس ۾ چيو ته ڊيم ٺاهڻ وارو پروگرام پوري دنيا ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي انهي کان بهتر آهي ڊيم ٺاهڻ جي ڳالهه ڪندڙ ملڪن جا سربراهه پاڻيءَ بابت ورهاست کي شفاف بڻاڻي ملڪ ۾ پاڻي ءَ جي کوٽ کي منهن ڏين هن ملڪ ۾ جڏهن به ڊيم جي ڳالهه نڪتي آهي ته ڳالهه ختم اتي ئي ٿي آهي ته حڪمرانن مٿان ڊيم ٺاهڻ وارين ڳالهين کان به اهو ضروري آهي ته هو پاڻيءَ جي ورهاست کي صاف شفاف ۽ يقيني بڻائين .

ڪالاباغ ڊيم جيڪو سالن کان رد ٿيل منصوبو آهي منهنجي خيال ۾ انهي منصوبي تي ڌيان ڏئي وقت وڃائڻ کان بهتر هو ته ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءَ پاڻيءَ جي 91 واري ٺاه تي عمل ڪرايو وڃي ها پاڻي جي صاف شفاف ورهاست ڪري صوبن ۾ ڀائيچاري وارو نظام قائم ڪيو وڃي ها پر هن ملڪ جي حڪمرانن اهو نه ڪيو جيڪو ملڪ وفاق ۽ صوبن لاءِ بهتر عمل هو. هن ملڪ جي حڪمرانن ڪالاباغ ڊيم جي انهي مئل گهوڙي ۾ ساهه وجهي انهي کي ڦوڪون ڏئي ملڪ، صوبن ۽ وفاق خلاف سازشون ڪيون پاڻي معاملو جيڪو اڌ صديءَ کان هن ملڪ ۾ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ تڪرار جو سبب بڻيل آهي حڪمرانن کي انهي طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي ها پر حڪمرانن انهي معاملي تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ ارسا ۽ پنجاب جي پٺي ٺپي ننڍن صوبن کي هميشا اهو واضع پيغام ڏنو ته وفاق ۽ پنجاب هڪ آهن هو ننڍن صوبن سان زيادتي ڪندا رهندا اهڙي روايت کي پوئتي ڪرڻ جي ضرورت هئي، سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس پاڻيءَ معاملي کي تمام سنگين معاملي جو درجو ڏيندي چوي ٿو ته اهو سنگين معاملو آهي انهي کي حل ڪرڻ سان اسان کي اسان جا نسل دعائون ڏيندا.

ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي پر هتي هڪ عرض آهي ته پاڻي معاملو ته حل تڏهن ٿيندو  جڏهن 91 ٺاهه تي عمل ٿيندو پاڻي معاملو ته تڏهن حل ٿيندو جڏهن ننڍن صوبن جي ارسا ۽ وفاق ۾ ڳالهه ٻڌي انهن جا جائز مطالبا حل ڪيا ويندا پاڻي معاملو ته تڏهن حل ٿيندو جڏهن پنجاب ارسا ۽ وفاق جو ڳٺ جوڙ ٽوڙي سنڌ جي آواز کي اهميت ڏني ويندي انهن معاملن کي حل ڪرڻ کان سواءِ پاڻيءَ  جو معاملو ڪيئن ٿو حل ٿي سگهي اصل معاملن جي حل لاءِ سپريم ڪورٽ جي چيف صاحب سوچو به نه آهي، پاڻي معاملي ائين ڪيئن حل ٿيندو جنهن جي سبب ڏانهن ڪڏهن ڪير ويو ئي نه آهي پاڻي معاملو تقريرون ڪرڻ آرٽيڪل 6 لاڳو ڪري سنڌ کي ڊيڄارڻ سان نه پر انهي جو ڏک سور ۽ آواز ٻڌڻ سان حل ٿيندو.

پاڻي ڪانفرنس ۾ پاڻي بابت عالمي ماهرن پاران ڪالاباغ ڊيم جي حوالي سان ڏنل راءِ کان پوءَ هاڻي  انهيءَ  تڪراري باب کي هميشه لاءِ بند ڪرڻ گهرجي، ۽ ڪالاباغ ڊيم جو نالو اڳتي آڻي سنڌ خلاف ٿيندڙ سازشن کي هاڻي بند ٿيڻ گهرجي باقي رهي ڳالهه  پاڻيءَ کي اسٽور ڪرڻ جي ته ان حوالي سان جسٽس گلزار جي راءِ انتهائي اهميت جوڳي آهي ته ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان هيٺ ڊيم ٺاهڻ سميت ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهڻ گهرجن، جنهن سان پاڻي مامري تي تڪرار به پيدا نه ٿيندا ۽ سنڌ کي پاڻي به ميسر ڪري سگهبو، ان کان علاوه ننڍا ڊيم ٺاهڻ سان علائقي جي ماڻهن کي روزگار به ملندو ۽ سنڌ سان ٿيندڙ سالن جي زيادتين واري تاريخ کي به ڪا ساهي به ملي ويندي.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسان جي ترقي ۽ خوشحالي جو سڄو دارومدار سنڌو درياهه جي پاڻيءَ تي آهي ۽ سنڌ سميت پورو ملڪ گهڻي ڀاڱي زراعت تي ئي هلي ٿو سنڌ جي 80 سيڪڙو عوام جو گذر سفر زراعت تي ئي آهي  سنڌ جي انهي زراعت کي تباهه ڪرڻ لاءَ زور ان ڳالهه تي ڏنو وڃي پيو ته سنڌو درياءَ تي ڪالاباغ ڊيم جي نالي سازشن جو ڄار وڇائي سنڌ جي زراعت کي تباهه ڪيو وڃي ڇو جو پوري دنيا کي خبر آهي ته سنڌ جي خوشحالي ۽ ترقي صدين کان سنڌو درياهه سان جُڙيل آهي، جنهن جو پاڻي ورهين کان سنڌ کان کسيو ويو آهي ڪڏهن ارسا جي روپ ۾ ته ڪڏهن ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ ۾، ڪڏهن وفاق جي روپ ۾ ته ڪڏهن پنجاب جي ويس ۾ هميشا سنڌوءَ جي پاڻيءَ تي ڌاڙو هنيو ويو آهي.

سنڌ ۾ حالت اها آهي ته هتي زمين جو تقريبن 80 سيڪڙو پاڻي کارو ٿي چڪو آهي، سمنڊ جي چاڙهه سبب ٺٽي، سجاول ۽ بدين سميت ساحلي پٽي ۾ واقع سنڌ جي علائقن جون لکين ايڪڙ زمينون سمنڊ ڳهي ويو آهي، جنهن جا ماڻهن جي روزگار تي خراب اثر پيا آهن، بلڪه سنڌ بدحالي، بک، بيروزگاري ۾ گهيرجي چڪي آهي، عام ماڻهو هڪ ويلو ماني کائڻ لاءِ پريشان آهي، فاقاڪشين ۾ مبتلا خاندان ذهني اذيتن جو شڪار هجڻ ڪري مسئلن کان تنگ ٿي خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا، پر وفاق توڙي اختيار ڌڻين ان مسئلي طرف ڪوبه ڌيان نه ڏنو آهي، هاڻي پنهنجي خيال ۾ انهن سڀني سازشن کي ٻنجو اچڻ گهرجي ڇو جو ڪالاباغ ڊيم جي راهه هموار ڪرڻ لاءَ مختلف بهانا ڪيا ويا هئا ڪڏهن مطلبي سياستدانن کان حمايتون ورتون ويون ته ڪڏهن قانون جي ڪوڙن پنن جو سهارو ورتو ويو انهن سڀني سازشن ۾ ناڪامين کان پوءَ پاڻي ءَ جي عالمي ڪانفرنس به انهي لاءَ گهرائي وئي هئي ته ٿي سگهي ٿو ان مان ڪو چاڙهو ٿئي پر پاڻي بابت عالمي ڪانفرنس کي پوري دنيا جي ماهرن اها راءِ ڏئي سنڌ جي موقف کي اڃان مضبوط ۽ سنڌ جي مظلوم آواز کي وڏو آواز ڏنو ته ڪالاباغ ڊيم ملڪ لاءِ تمام گهڻو نقصان ڪار آهي، جيڪو ڪڏهن به نه ٺهڻ گهرجي اسان سمجهون ٿا ته هاڻي ڪالاباغ  ڊيم رٿا کي هڪ سازش جو نالو ڏئي انهي باب کي بند ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن سازشي قوتن کي به اعتراف ڪرڻ گهرجي ته هو ڪالاباغ ڊيم ملڪ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ ملڪ دوستي نه پر ملڪ دشمنيءَ آهي.

ھي به ڏسو

21-12-2018

اڇڙي ٿر جي پورچنڊ ڍنڍ به پنهنجا رنگ مٽائي ٿي!!

سانوڻ راڄڙ: سائين ڪڏهن ٿا ڳوٺ اچو فقيرميرمحمد جو فون رسي وڪرڻ سان حال احوال …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے