بين الاقوامي

منظم ٿي رهڻ ۾ الله جي رحمت ۽ ٽولن ۾ ٿي رهڻ مصيبت آهي، مسلمانن کي سمورا ويڇا ختم ڪري گڏ ٿيڻ گهرجي: امام ڪعبه

نمره (اين اين آءِ)  ڊاڪٽر شيخ حسين بن عبدالعزيز آل شيخ چيو آهي ته منظم ٿي رهڻ ۾ الله جي رحمت ۽ ٽولن ۾ ٿي رهڻ مصيبت آهي، مسلمانن کي سمورا ويڇا ختم ڪري گڏ ٿيڻ گهرجي. مسلمانن کي تفرقو ۽ وڇوٽيون پيدا ڪندڙ هر عمل کان پاسو ڪرڻ جو حڪم آهي، شيطان انسانن وچ ۾ تفرقو ۽ ڏڦيڙ پيدا ڪري ٿو، جيڪو نيڪي ڪري بدلي ۾ ان سان نيڪي ڪريو، گناهه وارن ڪمن ۾ تعاون نه ڪريو. شيطان مسلمانن ۾ فرق چاهي ٿو اهڙي هر شئي جنهن سان اتحاد ٽٽي پري رهڻ جو حڪم آهي ماڻهن جي زبانن ۽ رنگن جي مختلف هجڻ ۾ ڪافي نشانيون آهن دنيا جي ڪهڙي ملڪ مان به ماڻهو آيل هجي اڄ انهن ۾ ڪو فرق نه آهي ڪنهن عربي کي اجمي کي ۽ اجمي کي عربي تي فضيلت حاصل نه آهي حڪم ڏنو ويو ته اختلاف ٿي وڃي ته قرآن ۽ سنت طرف وڃو گناهه وارن ڪمن ۾ تعاون نه ڪريو تقويٰ ۾ تعاون ڪريون نمره مسجد مان حج جو خطبو ڏيندي ڊاڪٽر شيخ حسين بن عبدالعزيز چيو ته جيڪو شخص الله ۽ ان جي رسول صلعم جي اطاعت ڪندو اهو هميشه هميشه لاءِ جنت ۾ داخل ٿيندو ۽ اها ئي اصل ڪاميابي آهي هن چيو ته الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته دنيا ۾ فيصلو ۽ حڪم رڳو الله تعاليٰ جو ئي هلي ٿو هن چيو ته جيئن الله پاڪ به ڪافي عبادتن ۽ اطاعتن کي سبب بڻائي ڇڏيو آهي عرفات جي ميدان ۾ سڀ گڏ آهيون ۽ ان جي اطاعت کي حاجين کي انهي سبب جي ڪري فرض ڪري ڇڏيو آهي هي نماز به آهي حج به آهي، اجتماع به شريعت تڪافل جو به چيو آهي ۽ خرچ ڪرڻ جو به چيو آهي ته جتي اسان نماز پڙهون ٿا هڪ ٻئي جي ڪفالت ڪريون ڊاڪٽر شيخ حسين چيو ته الله تعاليٰ جو ارشاد آهي ته اسان دنيا ۾ هر نبي کي هر قوم ۽ امت لاءِ نبي بڻائي موڪليو ته جيئن ماڻهو هدايت حاصل ڪن هن چيو ته اسان ان ڳالهه جو اقرار ڪريون ٿا ۽ شاهدي ڏيون ٿا ته دنيا ۾ رب العالمين کان سواءِ ٻيو ڪوئي معبود نه آهي ۽ دنيا پوري ختم ٿي ويندي صرف الله رب العالمين جي ذات رهندي هن چيو ته الله رب العالمين جو ارشاد آهي ته محمد صلعم الله جو رسول آهي ۽ حضرت محمد صلعم جي اطاعت ڪرڻ الله جي اطاعت ڪرڻ آهي هنچ يو ته اسان کي گهرجي ته هر قسم جي ننڍن وڏن گناهن کان پاسو ڪريو ۽ اهو عقيدو رکون ته الله کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪوئي معبود برحق نه آهي اسان کي گهرجي ته اصلاحي ڪمن ۾ الله جي مخلوق جي مدد ڪندا رهون ۽ نماز قائم ڪريون پنجن نمازن جي حفاظت ڪئي وڃي. هن چيو ته اي مومنون جيڪو اسان اوهان کي حلال رزق ڏنو ان مان خرچ ڪريو هن کان اڳ جو اهو ڏينهن اچي جتي ڪوئي خريد ۽ وڪرو ۽ شفاعت نه هوندي دوستي نه هوندي انهي ڪري شريعت جيڪي وڙهڻ وارا آهن انهن کي به چيو ته واپس هليا اچون مڙي وڃون اصلاح ڪريو الله تعاليٰ جو ارشاد آهي بيشڪ مومن پاڻ ۾ ڀائر آهن پنهنجن ڀائرن ۾ صلح ڪرايو الله جي تقويٰ اختيار ڪريو ته توهان تي رحم ٿئي. هن چيو ته اي الله حاجين جو حج قبول ڪرڻ ۽ انهن جي مغفرت فرما ۽ انهن جا معاملا آسان فرمائي اي الله انهن کي پنهنجي گهرن تائين خيريت سان پهچائي اي الله جن دعا لاءِ چيو آهي سڀني لاءِ اسان جون دعائون قبول فرمائي اي الله مسمانن جي مغفرت فرمائي مومن مردن ۽ عورتن جي مغفرت فرمائي ۽ انهن جي اصلاح فرمائي ۽ انهن جون مصيبتون ختم ڪري ڇڏي انهن جا ڪم پنهنجي ذمي وٺي ڇڏي.6

 

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button