سنڌ

ڌاڙيلن خلاف آپريشن فوج نه پر پوليس ئي ڪندي، بيڪ اپ لاءِ رينجرز موجود هوندي: آءِ جي سنڌ

ڪنڌڪوٽ (ن خ) آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن فوج نه پر پوليس ئي ڪندي،  بيڪ اپ لاءِ رينجرز موجود هوندي، هن چيو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي مان اغوا ٿيل سمورن ماڻهن کي بازياب ڪرايو ويندو، جڏهن ته آءِ جي ايس ايس پي عرفان سمون کي فري هينڊ ڏئي ڇڏيو آهي، ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ جي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس دوران آءِ جي سنڌ چيو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ پوليس جي جوانن ۽ آفيسرز جانيون قربان ڪري امن ڪرايو آهي، هن چيو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ به جلد امن قائم ٿيندو، آءِ جي سنڌ ضلعي مان اغوا ٿيل ماڻهن جي وارثن سان ملاقات به ڪئي، نينگر عظيم ميڻڪ، جگديش ڪمار، جئي ديپ ڪمار ۽ ٻين مغوين جي وارثن ايس ايس پي آفيس ۾ آءِ جي سان ملاقات ڪئي، ان کان اڳ مغوين جي وارثن ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو هڻي آءِ جي خلاف نعريبازي به ڪئي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button