بريڪنگ نيوزسنڌ

گهوٽڪي جي وڪيل برادري ۽ شهرين جي احتجاج بعد شاليمار ايڪسپريس جو اسٽاپ بحال

گهوٽڪي (ڊ ر) گهوٽڪي جي وڪيل برادري ۽ شهرين جي محنت رنگ لاتو، گهوٽڪي ريلوي اسٽيشن تي شاليمار ايڪسپريس جو اپ ۽ ڊائون اسٽاپ بحال ٿي ويو، ان موقعي تي شاليمار ايڪسپريس جو گهوٽڪي ريلوي اسٽيشن پهچڻ تي اسٽيشن ماسٽر اسحاق لکن، بڪنگ چيف ظفر علي دايو، ٽي سي آر اسد الله ملڪ، بڪنگ ڪلارڪ رفيق ڪلهوڙو، رياض گهوٽو، سينيئر صحافي ظفر احمد صديقي، مظهر صديقي، قدير احمد صديقي، شهرين عبدالرشيد لاکو، رائو محمد تسور، محمد رحيم، ريلوي پوليس اھلڪار محمد عباس ڪلهوڙو ۽ ٻين شاندار استقبال ڪيو، ان موقعي تي گهوٽڪي ريلوي اسٽيشن جي آفيسرن ۽ شهرين شاليمار ايڪسپريس جي ڊرائيور ۽ ٻئي عملي کي گلن جا هار ۽ سنڌي ٽوپيون پيش ڪيون. ان موقعي تي گهوٽڪي جي شهرين ريلوي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته رحمان بابا ايڪسپريس کي به گهوٽڪي ريلوي اسٽيشن تي روڪيو وڃي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button