بريڪنگ نيوزسنڌ

نواب شاهه ۾ ٽن ڀينرن جو پوليس خلاف احتجاج

نوابشاھ (ن م) نوابشاھ جي علائقي ڀنگوار ڪالوني جي رھواسي ٽن ڀينرن انيلا، تانيہ ۽ ناديہ ڌي نظير احمد تنيو ايئرپورٽ پوليس خلاف نوابشاھ پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪندي دانھيون آھي ته 15ڏينهن اڳ آڪاش نالي ڇوڪرو اسان جي ڀاءُ 13 ورھين جي اعجاز تنيو کي موٽر سائيڪل کپائي ڏني جنھن جا ڏھ ھزار اسان جي ڀاءُ آڪاش کي ڏنا ٻيا پئسا موٽرسائيڪل جا ڪاغذ ڏيڻ بعد جو چيو، ھنن چيو ته گذريل رات آڪاش اسان جي گھر تي پوليس وٺي آيو ۽ منھنجي ڀاءُ تي الزام ھنيو ته ھن گاڏي چوري ڪئي آھي، ھن چيو ته پوليس اسان جي گھر ۾ گھڙي اسان تي سخت تشدد ڪيو ۽ گھر ۾ ڀنڃ ڊاھ ڪئي، ھن چيو ته ايئرپورٽ پوليس اسان جي ڀاءُ تي سخت تشدد ڪيو آھي هنن چيو ته اسان کي خطرو آهي ته پوليس اصل چورن کي لڪائڻ لاءِ اسان جي ڀاءُ کي جُڙتو مقابلو ڏيکاري مارڻ جي ڪوشش ڪندي هنن ڊي آئي جي شهيد بينظير آباد، ايس ايس پي شهيد بينظير آباد ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي بيگناھ گرفتار ٿيل ڀاءُ کي جلد کان جلد آزاد ڪيو ويو وڃي ۽ اصل جوابدارن کي گرفتار ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button