بريڪنگ نيوزسنڌ

دادو ڀرسان معمولي ڳالهه تان جهيڙو، 6 ڄڻا زخمي

دادو (ڊ ر) دادو لڳ ڳوٺ موندر ۾ بجلي جي تار ھڻڻ تان شاھاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو، ڏنڊا ۽ ڪهاڙيون لڳڻ سبب 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، زخمين کي موندر پوليس ۽ وارثن دادو سول اسپتال جي ايمرجنسي شعبي ۾ علاج لاءِ آندو، نجف الدين، قمرالدين، راڻو، عبدالرزاق، ديدار، حفيظ شاهاڻي زخمين کي طبي امداد ڏيڻ بعد ڊسچارج ڪيو ويو، جڏهن ته 3 زخمين عبدالرزاق، ديدار ۽ قمرالدين شاهاڻي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ دادو کان نوابشاھ ريفر ڪيو ويو، هوڏانهن موندر پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته واقعي جي اين سي موندر ٿاڻي تي داخل ٿيل آهي معاملي جي جاچ بعد واقعي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي، جڏهن ته جهيڙي واري جڳھه تي پوليس عملو مقرر ڪيو ويو آهي جيئن وڌيڪ نقصان نه ٿي سگهي.7

لاڳاپيل آرٽيڪل

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے

Back to top button